بريڪنگ نيوزسنڌ

نامزد نگران وڏو وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر اڄ عهدي جو حلف کڻندو، مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سنڌ جي نگران وڏي وزير جي عهدي لاءِ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو نوٽيفڪيسن به جاري ڪيو ويو آهي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر اڳواڻ رعنا انصار جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جو نالو سنڌ جي گورنرکي اماڻيو هو ذريعن مطابق نگران وڏي وزير جي حلف کڻڻ واري تقريب اڄ اربع 16 آگسٽ تي ٿيندي سنڌ جو گورنر کيس عهدي جو حلف کڻائيندو. نامزد نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته احتساب يا انتقام جو ايجنڊا کڻي ناهيان آيو پر آئين ۽ قانون جو ايجنڊاکڻي پنهنجو عهدو سنڀاليندس اڱاري تي پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان غير رسمي ڳالهائيندي جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته منهنجي پهرين ترجيح صوبي ۾ صاف ۽ شفاف چونڊ جو اهتمام هوندو ۽ ان حوالي سان يقيني بڻائِندس ته آئين مطابق اليڪشن ڪميشن کي جيڪا معاونت گهربل آهي اها ان کي فراهم ڪئي وڃي چونڊون ڪڏهن ٿينديونا ن حوالي سان سمورا فيصلا نگران حڪومت نه پر اليڪشن ڪميشن ڪندي هن چيو ته عوامي آفيس سنڀالڻ هڪ وڏي ذميواري ۽ عوام جي امانت آهي تنهنڪري ڪوشش اها ئي هوندي ته هي ذميواري بهتر نموني سان نڀايان احتساب جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته اهو تاثر ٺيڪ نه آهي ته مان رڳو احتساب ڪرڻ اچي رهيو آهيان بهرحال نگران وڏي وزير جي ذميواري آهي ته هو صوبي ۾ يقيني بڻائي ته سمورا ڪم سياسي ۽ اخلاقي ڌيانتداري سان ٿين پر جيڪڏهن ڪابه ذميواري ديانتداري سان نڀائڻي آهي ته ڪرپشن جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي هن واضح ڪيوت ه احتساب ڪرڻ اسان جو ايجنڊا نه آهي هي ڪم ادارا ڪن جسٽس مقبول باقر چيو ته ڪراچي جا مسئلا سنگين آهن حل ڪرڻ لاءِ گورننس به ٺيڪ ڪرڻي آهي هي عوام جي پنهنجي حڪومت آهي هن چيو ته نگران حڪومت سنڌ پنهنجو ڌيان صرف اليڪشن تي ڏيندي احتساب ڪرڻ مارا ماري ڪرڻ بلڪل منهنجي ذهن ۾ نه آهي هن چيو ته نگران ڪابينه ۾ اهڙن ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو جن ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو اهليت ۽ قابليت هجي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button