تازيون خبرون
مکيه صفحو / اڄ جي اخبار / بين الاقوامي / نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس، پ پ اڳواڻ نثار کهڙو، شرجيل ميمڻ ۽ صابر شاهه سميت 16 ڄڻن خلاف انڪوائريز جي منظوري

نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس، پ پ اڳواڻ نثار کهڙو، شرجيل ميمڻ ۽ صابر شاهه سميت 16 ڄڻن خلاف انڪوائريز جي منظوري

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيب جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پ پ جي اڳواڻ نثار احمد کهڙو، شرجيل انعام ميمڻ ۽ ن ليگ جي پير صابر شاهه سميت 16 انڪوائريز جڏهن ته اڳوڻي چيئرمين ورڪرز ويلفيئر خواجا صديق، اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ڪڊني سينٽر ڪوئيٽا ڊاڪٽر امير احمد خان سميت ڪيترن ئي ماڻهن خلاف ڪرپشن جا ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. خميس تي نيب جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ٿيو نيب ان ڳالهه کي واضح ڪرڻ چاهي ٿو ته سموريون انڪوائريون ۽ انويسٽيگيشن مبينا الزامن جي بنيادن تي شروع ڪيا ويا آهن جڏهن ته حتمي ناهن نيب سمورن لاڳاپيل ماڻهن کان به قانون موجب سندن موقف معلوم ڪندو ته جيئن قانون موجب ڪارروائي ڪري سگهجي جنهن ۾ 16 انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي جن ۾ اڳوڻو خوراڪ جو وزير نثار احمد کهڙو، خوراڪ کاتي سکر جا آفيسر، اهلڪار ۽ ٻيا پير صابر شاهه، اڳوڻو ايم اين اي، ڊيره اسماعيل خان جا آفيسر ۽ اهلڪار ۽ ٻيا برگيڊيئر وقار، مئنيجنگ ڊائريڪٽر نيشنل ٽيليڪام ڪارپوريشن زاهد مير، وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آئل اينڊ گيس، ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ او جي ڊي  سي ايل جي انتظاميه ۽ ٻين جي خلاف ٽي مختلف انڪوائريون شرجيل انعام ميمڻ، ايم پي اي، عبدالڪريم سومرو، ايم پي اي، سردار قيصر عباس خان، سردار ناصر عباس خان، سردار لال خان، اڳوڻو صوبائي اسيمبلي ميمبر عبدالمجيد ابڙو، خوراڪ کاتي سکر جا آفيسر اهلڪار ۽ ٻيا نيشنل پاور پارڪ مئنيجمينٽ ڪمپني، گورنمينٽ هولڊنگ پرائيويٽ لميٽيڊ پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ پاڪستان ايل اين جي ٽرمينل لميٽيڊ ۽ انٽر اسٽيٽ گيس سسٽم جي مئنيجنگ ڊائريڪٽرز جي مقرري ۽ گورنمينٽ هولِڊنگ لميٽيڊ ۾ سيڙپڪاري، ڊاڪٽر غلام محمد ميمڻ، فنانشنل ايڊوائيزر اي او بي آءِ، سلمان ڊي محمد، وقتي وائيس چانسلر وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي، آفيسر، اهلڪار سي ڊي اي ، ڪيڊ لاکڙا پاور هائوس، ڄامشورو جا آفيسر، اهلڪار ۽ ٻيا شامل آهن.  اجلاس ۾ ٻن انويسٽيگيشن جي منظوري ڏني وئي جن ۾ جناح ميڊيڪل ڪاليج پشاور جي انتظاميه ۽ ٻيا سرحد ڊولپيمينٽ اٿارٽي جا آفيسر، اهلڪار شامل آهن. نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ڪرپشن جا ٻه ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي انهن ۾ نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس خواجا صديق اڪبر، ڊاڪٽر امير احمد خان جوگزئي، ممتاز علي خان ۽ ٻين جي خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني. نيب جي ايگزيڪٽو بورڊ اجلاس اسلم پرويز ميمڻ، اڳوڻي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن ڪراچي ۽ ٻين جي خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني. اجلاس محمد سليم خان، پروونشل هائوسنگ اٿارٽي خيبرپختونخواهه جي ڊائريڪٽر جنرل ، ٺيڪيدار نثار احمد، زيت الله وزير، آفيسر، اهلڪار ۽ ٻين جي خلاف جاچ جو معاملو قانون موجب وڌيڪ ڪارروائي لاءِ چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه ڏانهن جڏهن ته ڊاڪٽر نظير مغل اڳوڻو وائيس چانسلر يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو ۽ ٻين جي خلاف جاچ جو معاملو قانون موجب وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سنڌ حڪومت ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏني. جڏهن ته نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس حاجي محمد نواز ڪاڪڙ، اڳوڻي بلوچستان جي وزير، جواد ڪامران ، اڳوڻي ايم پي اي محمد اقبال، محمد منير، محمد رفيق پاران، پنجاب انوائرمينٽ اينڊ انفليواينٽ ٽريٽمينٽ جي انتظاميه ڪمپني جي آفيسرن ، اهلڪارن ۽ ٿرمل پاور پلانٽ گڊو واپڊا جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خلاف ثبوت نه ملڻ تي قانون موجب انڪوائري بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.6

ھي به ڏسو

آئيڊياز سان دفاع جي شعبي سميت گڏيل واپار ۽ تعاون جي ماحول کي هٿي ڏيڻ جوڳا موقعا مليا آهن: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته …

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان صحافي جمال خاشقجي جي قتل جو حڪم ڏنو: سي آءِ اي جاچ رپورٽ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي پنهنجي جاچ کانپوءِ ان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے