بريڪنگ نيوزقومي

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان گڏيل عرب امارات جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان گڏيل عرب امارات جي سفير ملاقات ڪئي، اقتصادي ۽ مالي استحڪام لاءِ سهڪار تي سندس شڪريو ادا ڪيو. ملاقات دوران يو اي اي جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي انور حق ڪاڪڙ کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ۽ يو اي اي جا تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، وزيراعظم اقتصادي ۽ مالي استحڪام جي لاءِ سهڪار تي يو اي اي جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل تعاون کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن، هن ڪوپ 28 سربراهه اجلاس جي ميزباني تي يو اي اي جي به تعريف ڪئي. انوار الحق ڪاڪڙ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو ۽ انهن لاءِ يو اي اي حڪومت جي مسلسل سهڪار جي خواهش ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button