تازيون خبرون
مکيه صفحو / اڄ جي اخبار / بين الاقوامي / چيف جسٽس آف پاڪستان جي ترڪ صدر طيب اردوان سان ملاقات

چيف جسٽس آف پاڪستان جي ترڪ صدر طيب اردوان سان ملاقات

استنبول(م_ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب انقره جي شهر ڪونيا ۾ ترڪ صدر طيب اردوان سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ چيف جسٽس پاڪستاني ۽ ترڪ عوام جي وچ ۾ محبت ۽ گهري جذباتي لڳاءَ جو ذڪر به ڪيو. ملاقات دوران ترڪ صد رجب طيب اردوان چيف جسٽس کي مولانا رومي جي شهر ۾ ڀليڪار ڪيو ۽ پاڪستان سان لاڳاپن بابت به ذڪر ڪيو. بعد ۾ چيف جسٽس ڪونيا ۾ مولانا جلال الدين رومي جي ورسي جي موقعي تي رٿيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ چيف جسٽس ترڪي جي آئيني عدالت جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر زوتو ارسلان سان انقره ۾ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيف جسٽس پنهنجي ترڪ هم منصب کي پاڪستان جي عدالتي نظام بابت تفصيل سان ٻڌايو ۽ پاڪستان جي عوام جي بنيادي حقن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان ڪيل بندوبست به ٻڌايا

 

ھي به ڏسو

آئيڊياز سان دفاع جي شعبي سميت گڏيل واپار ۽ تعاون جي ماحول کي هٿي ڏيڻ جوڳا موقعا مليا آهن: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته …

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان صحافي جمال خاشقجي جي قتل جو حڪم ڏنو: سي آءِ اي جاچ رپورٽ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي پنهنجي جاچ کانپوءِ ان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے