بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدر آباد ۾سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻي ٿي گذري

حيدرآباد (پ ر)سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي دستوري گڏجاڻي مرڪزي آفيس اختر ڪاٽيجز قاسم آباد ۾ نامياري شاعر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي جي صدارت ۾ ٿي گذري.تنقيد لاءِ پروفيسر نظير ملڪاڻي ڪھاڻي،(ايم پي اي_پي اي)،ڊاڪٽر عبدالعزيز ٿيٻو چوسٽا،عبد مگسي غزل،  واحد ڪاندڙي غزل،شاڪر عزيز سيتائي نظم،عاقب لطف شر مناظرو اسم پيش ڪيا.گڏجاڻي ڊگھي ھئڻ ڪري سليم چنا نظم، عبدالغفار عبد غزل بنا تنقيد جي پڙھيا.نڪور تخليقن تي مٿين شاعرن ۽ اديبن کان سواءِ مولا بخش محبتي سيد زوار نقوي،گل شير ڪوريجي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ، درياخان پيرزادي ۽ ٻين اصلاحي تنقيدي رايا ڏنا.آخر ۾ ڊاڪٽر قادر بخش مگسي صدارتي راءِ ڏيندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت اھڙي جرئت مند جماعت آهي جتي شاعر،ڪهاڻيڪار،نقاد ۽ اديب نوجوانن جي سکيا لاءِ ھڪيا حاضر آھن ٿا،قادربخش مگسي بنا تنقيد جي غزل پڙھيو. آخر ۾ يڪراءِ ٺھراءُ منظور ڪيو ويو ته راڻيپور ۾ وحشي پير پاران معصوم ٻارڙي فاطمه ڦرڙو سان زيادتي ۽ سندس وحشياڻي قتل، جڙنوالا ۾ مذھبي جنونيت پسندن پاران چرچ مسيحي برادري جي گھرن تي حملن، صحافين جان محمد مھر.اصغر صحافي جي قتل تي تمام گهڻي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button