بريڪنگ نيوزسنڌ

نگران وڏي وزير جي حيدرآباد انتظاميه کي قبضن هيٺ پورهيتن جا فليٽ خالي ڪرائڻ جي هدايت

ڪراچي(بيورو)نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ليبر کاتي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي حيدرآباد جي ضلعي انتظاميه کي هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني قبضا ختم ڪري مزدورن لاءِ ٺاهيل فليٽس خالي ڪرايا وڃن ۽ ڪراچي جي علائقي گلشن معمار ۾ مزدورن جي فليٽ جي مرمت جو حڪم ڏنو. اجلاس ۾ محنت واري صوبائي وزير عمر سومرو، ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري رحيم شيخ، ايڊووڪيٽ جنرل شبير شاهه، چيئرمين ايس آر بي آصف ميمڻ، ليبر سيڪريٽري لئيق ميمڻ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ (WWB) فليٽس ۽ گهرن جي تعمير، مزدورن جي ٻارن لاءِ مفت معياري تعليم، يونيفارم، جوتن، ڪتابن ۽ ٿيلهن جي خريداري لاءِ مالي مدد، مزدورن جي نياڻين جي شادي لاءِ سهڪار ڪرڻ سميت ٻارن لاءِ پوسٽ ميٽرڪ اسڪالرشپ ڏيڻ ۽ فوت ٿيندڙ مزدور جي قانوني وارثن کي مالي مدد فراهم ڪندو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2018ع کان 2023ع تائين 13322 ڪيسز/ورڪرن ۾ شادي لاءِ 1333.130 ملين رپيا گرانٽ، 244.456 ملين رپيا 3175 شاگردن کي اسڪالرشپ ۽ 4360 ڪيسن لاءِ 2160.625 رپيا گرانٽ طور ورهايا ويا. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڊبليو ڊبليو بي وٽ 11 هزار 565 فليٽ، 6 هزار 257 گهر، 5 هزار 443 پلاٽ، 23 اسڪول ۽ ڪاليج آهن، جڏهن ته سيسي (SESSI) جي استعمال هيٺ ڪڊني سينٽر لانڍهي، اين آءِ سي وي ڊي اسپتال سکر ۽ 10 ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر پڻ هلائي رهيو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته حيدرآباد جي ليبر ڪالوني ۾ 128 مزدورن جا فليٽ قبضي هيٺ آهن. ان تي وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد کي هدايت ڪئي ته فليٽ خالي ڪري ليبر کاتي حوالي ڪيا وڃن ته جيئن رجسٽرڊ مزدورن کي الاٽ ڪري سگهجن. اجلاس ۾ ڳالهه سامهون آئي ته گلشن معمار ۾ غير قانوني قبضن کان خالي ڪرايل مزدور فليٽن جي مرمت ڪرائڻ جي ضرورت آهي. وڏي وزير قانون بابت وزير عمر سومرو کي هدايت ڪئي ته هو ليبر سيڪريٽري سان گڏ فليٽن جو دورو ڪري ۽ ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته هو جلد کان جلد مرمت ڪري مزدورن کي الاٽ ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button