بريڪنگ نيوزسنڌ

هاليجوي شريف جو گادي نشين عبدالصمد هاليجوي لاڏاڻو ڪري ويو

پنوعاقل(ن-م) هاليجوي شريف جو گادي نشين، ناليوارو عالم ۽ جي يو آءِ اڳواڻ عبدالصمد هاليجوي لاڏاڻو ڪري ويو، عبدالصمد هاليجوي سکر جي اين آءِ سي وي ڊي ۾ علاج دوران دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، عبدالصمد هاليجوي جي جنازي نماز پنوعاقل ويجهو درگاهه هاليجوي شريف ۾ ادا ڪرڻ بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جي يو آءِ جا ڪارڪن ۽ عقيدتمند هاليجوي درگاهه پهچي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي،  جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عبدالصمد هاليجوي جو وڇوڙو سنڌ سميت ملڪ لاءِ هڪ وڏو هاڃو آهي، عبدالصمد هاليجوي درگاهه ۾ سالڪن ۽ سياسي ميدان ۾ ڪارڪنن جي ڀرپور تربيت ڪئي، سندس وڇوڙي سان دعائن جو هڪ در بند ٿي ويو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button