بريڪنگ نيوزسنڌ

رڪن ٻرڙا لڳ حساب گهرڻ تي پ پ جي بااثر اڳواڻ جو هارين تي تشدد، احتجاج

رڪن ٻرڙا (ن م) رڪن ٻرڙا لڳ ڳوٺ حاج فضل ڪريم جٽ جي ھارين پاران ڪيترن سالن کان رھيل حساب گھرڻ تي بااثر پ پ اڳواڻ چوڌري فضل ڪريم  جٽ  آپي مان نڪري حساب گهرندڙ  ھاري بالو ڀيل تي بدترين تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي بالو ڀيل فضل ڪريم جٽ جي ڪيل ظلم خلاف جھول ٿاڻي تي  فرياد داخل ڪرايو پر اين سي داخل ٿيڻ باوجود جهول پوليس ڪو به قدم کڻڻ بجاءِ بااثر جي ڌر بڻجي وئي آھي بااثر فضل ڪريم جٽ جي تشدد سبب  متاثر ھاري بالو ڀيل، مسمات ڪيلو زال بالو ڀيل، ھميرو ڀيل، راجو ڀيل پنهنجن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ انصاف لاءِ پريس ڪلب رڪن ٻرڙا اڳيان  احتجاجي مظاھرو ڪيو انصاف ۽ حق ڏيارڻ لاءِ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن  دانھون ۽ رڙيون ڪيون متاثرن ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن کان اسان بااثر زميندار چوڌري فضل ڪريم  جٽ وٽ  ڪيتري سالن کان رھيل حساب ڪرڻ لاءِ چيو ته فضل ڪريم اسان جو حساب ڪرڻ بجاءِ اسان تي تشدد ڪيو تشدد ڪندڙ بااثر فضل ڪريم جٽ  خلاف جهول ٿاڻي اين سي داخلا ڪرائي پر اڃا تائين جهول پوليس تشدد ڪندڙ بااثر زميندار فضل ڪريم جٽ کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ سندس ڌر بڻيل آھي اسان احتجاج ذريعي  ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ڊي آئي جي نوابشاھ کان مطالبو ڪيون ٿا ته فوري طور تي اسان تي ظلم ڪندڙ فضل ڪريم جٽ کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾  اسان انصاف لاءِ ايس ايس پي آفيس  سانگهڙ اڳيان ٻارڙن ٻچن سميت پنهنجي پاڻ کي باھ ڏئي ساڙينداسين.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button