بريڪنگ نيوزقومي

پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا،ڀائپي ۽ محبت جو بي مثال مظهر آهن:مدد علي سنڌي

اسلام آباد (بيورو) نگران تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ ثقافت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا، ڀائپي ۽ محبت جو بي مثال مظهر آهن جنهن جي ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي هو نيشنل انسٽيٽيوٽ فار هسٽوريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ قائداعظم يونيورسٽي ۽ ترڪش ڪلچرل انسٽيٽيون سينٽر يونس ايمري جي اهتمام هيٺ پاڪ ترڪ لاڳاپن جي 100 سال جي قربت جي عنوان سان تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو نگران وفاقي وزير چيو ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن تحريڪ خلافت ۾ وڌ ۾ وڌ حصو ورتو ۽ نئين نسل کي پنهنجي ثقافتي تشخص کان آگاهه ٿيڻ گهرجي اسان کي فخر آهي ته اسان جو خطو دنيا جي عظيم تهذيبن جو گهوارو رهيو آهي ۽ هزارين سال اڳ جڏهن دنيا اونداهي ۾ ٻڏل هئي منهن جو دڙو ۽ هڙپا جي تهذيب علم ۽ دانش جو گهوارو هئي نگران قومي ورثي ۽ ثقافتي واري وفاقي وزير جمال شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته باصلاحيت ۽ تخليقي ذهن ڪنهن به قوم جي سڃاڻ هوندو آهي ادب ۽ فن کي هٿي ڏيڻ سان ئي قومون هڪ ٻئي جي ويجهو اچن ٿيون ۽ انهن وچ ۾ محبت وڌي ٿي تقريب جو خاص مهمان ترڪيه جو سفير پروفيسر ڊاڪٽر مهمت پيڪاسي چيو ته ترڪي پاڪستان سان سدابهار لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو زندگي جي هر شعبي ۾ ٻنهي دل ۽ جان سان هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي هن چيو ته اسان کي تعليم صحت، صحاحت ۽ گڏيل دلچسپي وارن ٻين معاملن ۾ تعاون وڌائڻ گهرجي ته جيئن ان تعلق جي سڃاڻ اڃا وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي ان موقعي تي خطاب ڪندي قائداعظم يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد اختر پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي وضاحت ڪئي. هن پاڪستان ۽ ترڪي جي تعليمي ادارن وچ ۾ مفاهمت جي يادداسٽ جي اهميت تي روشني وڌي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button