بريڪنگ نيوزسنڌ

سکر ۾ هٿياربندن هٿان پريالوءِ واسي سنڌ اڪيڊمي جو شاگرد قتل

سکر(رپورٽ : قمرالدين ميراڻي)سکر ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ سنڌ اڪيڊمي جو شاگرد پريالوءِ واسي نوجوان قتل علائقي ۾ خوف حراس تفصيل موجب سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد والس روڊ واري علائقي ۾ ھٿيار بندن جي فائرنگ ۾ سنڌ اڪيڊمي جو شاگرد خيرپور جي علائقي پريالوءِ جو رهواسي نوجوان سيد عديل شاھ سخت زخمي ٿي پيو واقعي جو اطلاع ملندي ئي حد ٿاڻي جي پوليس پهچي وئي جن نوجوان کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال پهچايو جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو مقتول نوجوان جي ڀاءُ سيد عتيق شاھ ٻڌايو ته عديل ۽ آء سنڌ اڪيڊمي ۾ پڙهندا آهيون اڄ جيئن ئي پهتاسين ته عديل شاه موٽر سائيڪل پارڪنگ ۾ بيهارڻ ويو جتي ٻه نقاب پوش جوابدارن کيس گوليون هڻي قتل ڪيو آهي پوليس جي شروعاتي جاچ موجب علائقي ۾ پنج فائر ٿيا آهن واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن پوليس مطابق هڪ سال اڳ مقتول نوجوان جي والد سيد جيئل شاه کي به ورڪشاپ روڊ واري علائقي ۾ گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو هو واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي لاش جو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button