بريڪنگ نيوزقومي

عام چونڊون ٽن کان چئن مهينن اندر ٿينديون، معاشي مسئلن سميت ٻين چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: انوارالحق ڪاڪڙ

اسلام آباد (بيورو/ اين اين آءِ) نگران وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون ٽن کان چئن مهينن ۾ ٿينديون، چند ڊسڪوز جي نجڪاري سان روانگي نظام ۾ بهتري ۽ هن شعبي ۾ سرمائيڪاري ايندي نگران ڪابينه محدود مدي لاءِ آهي ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ تاجر برادري کي اعتماد ۾ وٺي رهيا آهيون خانگي ٽي وي کي ڏنل انترويو ۾ هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم شهبازشريف ۽ اپوزيشن ليڊر راجا رياض مون کي گڏيل طور تي نگران وزيراعظم چونڊيو آئيني تسلسل برقرار رکڻ لاءِ ننڍي صوبي مان مون کي چونڊيو ويو هن چيو ته اميد آهي ته چونڊ عمل جلد مڪمل ٿيندو نگران ڪابينه محدود مدي لاءِ آهي معاشي مسئلن سميت ٻين چئلينجز کي منهن ڏيڻ لا3 قدم کڻي رهيا آهيون هن چيو ته نئين صدر جي چونڊ تائين صدر پنهنجي عهدي تي ڪم جاري رکي سگهي ٿو نئون اليڪٽورل ڪاليج مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نئين صدر جي چونڊ ڪئي ويندي جيڪڏهن صدر پاڻمرادو استيعفا ڏئي وڃي ته پوءِ سينٽ چيئرمين وقتي صدر بڻجي سگهي ٿو هن چيو ته بجلي بلن جي معاملي تي آهستي آهستي بهتري ايندي. امپورٽيڊ ٻارڻ سان پيداوار بدران مقامي وسيلن سان بجلي جي وڌ ۾ وڌ پيداوار جا خواهشمند آهيون وزيراعطم چيو ته مسئلن جي حل لاءِ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا شروع ڪري ڇڏيا آهن توانائي جي شعبي ۾ لائن لاسز، روانگي نظام ۾ بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ڪجهه ڊسڪوز جي نجڪاري ڪري رهيا آهيون هن چيو ته لاڳاپيل عملدارن کي ذخيرا اندوزي کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي ذخيرا اندوزي ۽ اسمگلنگ جي خلاف بهترين حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهيون هن چيو ته گذريل پارليامينٽ نگران وزيراعطم کي ڪجهه اختيار ڏنا آهن اسان انهن اختيارن تحت بهتري لاءِ قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون هن چيو ته ماضي ۾ مختلف مسئلن جي ڪري سرمائيڪاري کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ ڏکيائيون ٿيون هيون سرمائيڪاري بابت مسئلن جي حل لاءِ ايس آئي ايف سي سمورين لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان جوڙي وئي آهي هن چيو ته بلوچستان ريڪوڊڪ سميت معدني وسيلن سان مالا مال آهي سعودي عرب ۽ گڏيل عرب سميت ٻين نار وارن ملڪن سان گڏيل رٿائن لاءِ تجويزن جي مٽا سٽا ڪئي وئي آهي جلد ان حوالي سان معاهدن تي صحيحون ٿينديون وزيراعظم چيو ته ايس آئي ايف جي ويب سائيٽ تي رٿائن ۽ معاهدن بابت ڄاڻ دستياب هوندي حڪومت پاڪ فوج ۽ بيورو ڪريسي سميت لاڳاپيل ادارا ايس آئي ايف سي جي ذريعي معاشي بحالي لاءِ ڪوشان آهن انورالحق ڪاڪڙ چيو ته ملڪ ۾ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ بزنس ڪيونٽي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ ان جو اعتماد بحال ڪرڻ ضروري آهي.  جڏهن ته  وزيراعظم نجي چينل کي انٽرويو ۽ يوم دفاع تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته  پاڪستان جي خلاف ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنائڻ لاءِ قوم فوج سان گڏ بيٺي آهي، وطن لاءِ قربانيون ڏيندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button