بريڪنگ نيوزسنڌ

سکر ۾ شاگردن پاران ميڊيڪل اسپتال جي انتظاميا خلاف احتجاج

سکر(ڊ ر)سکر ۾ قائم نجي ميڊيڪل اداري جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سکر  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج ڪندڙ ميڊيڪل جي شاگردن ۽ شاگردياڻن جو چوڻ آھي ته الشفا ٽرسٽ اسپتال انتظاميا مٿان تعليمي اداري جا در بند ڪرڻ ۽ اندر نه ٿو ڇڏيو وڃي، نجي تعليمي اداري ۾ 350 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن الشفا ٽرسٽ اندر نجي ميڊيڪل ادارو هلندڙ آهي اسان جي تعليم شديد متاثر ٿي رهي آهي ۽ مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي الشفا ٽرسٽ سان ايگريمينٽ ٿيل آهي پر نئين انتظاميا ادارو هلائڻ کان منع پئي ڪري هوڏاهن ايڊمنسٽريٽر ايجوڪيشن سنڌ انسٽيٽوٽ سکر وقاص احمد جو چوڻ آھي ته نجي تعليمي ادارو الشفا ٽرسٽ جي پراپرٽي آهي جنهن کي متبادل هنڌ منتقل ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button