تازيون خبرون
مکيه صفحو / خاص خبر / ڀارت کان خطرو مستقل آهي، ان ڪري پاڪ فوج هميشه تيار رهندي، اها ڪا ڪوڙي ڀارتي دعويٰ يا بيان بازي ناهي: آءِ ايس پي آر

ڀارت کان خطرو مستقل آهي، ان ڪري پاڪ فوج هميشه تيار رهندي، اها ڪا ڪوڙي ڀارتي دعويٰ يا بيان بازي ناهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي/ اسلام آباد ( م ڊ) پاڪ چين گڏيل فوجي مشقون ختم ٿي ويون، واريئر سڪس ۾ ٻنهي ملڪن جي اسپيشل فورسز جي دستن حصو ورتو، گڏيل مشقون هڪ مهيني تائين جاري رهيون. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ چين گڏيل فوجي مشقون کاريان ڀرسان ختم ٿي ويون آهن. مشقون واريئر سڪس ۾ ٻنهي ملڪن جي اسپيشل فورسز جي دستن حصو ورتو. اهي مشقون 4 هفتن تائين جاري رهيون. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مشقن ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪيو ويو، پڄاڻي واري تقريب جو خاص مهمان آءِ جي ٽريننگ ليفٽيننٽ جنرل شيرافگن هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڀارت کان خطرو مستقل آهي ان ڪري پروفيشنل آرمي طور ان جي لاءِ هميشه تيار رهندس. خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪ فوج جي هر وقت تيار رهڻ جو سبب ڪا ڪوڙي ڀارتي دعويٰ يا بيان بازي ناهي، هٿياربند فوج سرحد جي پار کان ڪنهن به قسم جي مهم جوئي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڀارتي ميڊيا تي نظر ايندڙ جنگي جبنون جو سبب ان جي اندرين سياسي صورتحال آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي ڊي جي ايم اوز طرفان هفتيوار هاءِ لائن رابطا ۽ فليگ ميٽنگز معمول جي موجب جاري آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت سان خطرو مستقل آهي پر پيشيوراڻي مهارت تي ٻڌل پاڪ فوج سمورن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت ڪابه جارحاڻي ڪارروائي ڪئي ته جواب ڏيڻ جي اهليت رکون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي هن وزير اعظم جي ترڪي جي دوري تي روشني وڌي. شاهه محمود قريشي چيو ته ترڪي سان 5 سالن جي لاءِ جوائنٽ معاشي فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي، ٻنهي ملڪن ۾ معاشي لاڳاپن جي هٿي تي اتفاق ٿيو آهي افغانستان ۾ امن جي لاءِ پاڪستان، ترڪي ۽ افغانستان گڏجي ڪم ڪندا. هن چيو ته وزير اعظم عمران خان ۽ ترڪ صدر جي ون آن ون ملاقات ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي، دورو مفيد ۽ ڪامياب رهيو، اميد آهي ته ترڪ صدر جلد پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ ترڪ سيڙپڪارن کي به گڏ آڻينداسين. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتن طرفان تازا بيان غير ذميواراڻا آهن، ڀارتي قيادت جي غير ذميواراڻن بيانن سان خطي جو امن متاثر ٿي سگهي ٿو، عالمي برادري کي ڀارتي بيانن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڪابه جارحاڻي ڪارروائي ڪئي وئي ته جواب ڏيڻ جي اهليت رکون ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت پروپيگنڊه ڪري رهيو آهي ته سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ارادو آهي، هي غير ذميواراڻو ۽ افسوس جوڳو رويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ابو ظهبي جو ولي عهد سڀاڻي پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي، يو اي اي پاڪستان سان اسٽريٽجڪ لاڳاپا وڌائڻ جو ارادو رکي ٿو.6

ھي به ڏسو

اولاد کي تعليم ڏيارڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيو، خاص ڪري نياڻين جي تعليم تي ڌيان ڏيو: اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا

کپرو (رپورٽ: الهڏنو راڄڙ) حر جماعت جو روحاني پيشوا اعليٰ حضرت پير سيد صبغت الله …

قانون جو احترام ڪريو ۽پاڙيوارن سان سٺو سلوڪ رکو: اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا

کپرو (رپورٽ: الھڏ نو راڄڙ ) حر جماعت جو روحاني پيشوا اعليٰ حضرت پير سيد صبغت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے