بريڪنگ نيوزقومي

ايس آءِ ايف سي جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس، سيڙپڪاري معاملن تي غور

اسلام آباد (بيورو/ اين اين آءِ) نگران وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ايس آئي ايف سي جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، وڏا وزير، وفاقي وزير عسڪري قيادت ۽ ٻيا شريڪ ٿيا ذريعن موجب ايس آئي ايف سي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سيرپڪاري جي معاملن تي غور ڪيو ويو ايس آئي ايف سي عملدارن واپارين سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان ملاقاتن کان اجلاس کي آگاهه ڪيو اجلاس ۾ سيرپڪاري سميت اهم معاملن تي اهم فيصلا به ڪيا ويا.

اجلاس ۾ خساري وارن ادارن جي نجڪاري جو اشارو ڏنو ويو. نگران حڪومت پاران عالمي معاهدا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو. ايس آءِ ايف سي جي اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ معاشي ترقي لاءِ تجويز ڪيل قدمن جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ سيڙپڪاري سميت اهم فيصلا ڪيا ويا. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ ٻين وفاقي وزيرن وزير پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  ملڪ ۾ کند جو وڏو ذخيرو موجود آهي، کوٽ جو جواز نه ٿو ٺهي، بجلي بلن تي سومر تائين رليف بابت خوشخبري ٻڌائي ويندي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button