بريڪنگ نيوزسنڌ

ميهڙ ويجهو کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا قتل

ميھڙ (رپورٽ : وحيد علي سومرو) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ خميسو خان کوسو ۾ سم شاخ ۾ مڇي جو ٻانڌو ھڻڻ تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين م جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دؤران فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا.  مارجي ويل ۾ منور کوسو ۽ نثار کوسو شامل آھن، اھڙو اطلاع ملڻ تي ميھڙ اي سيڪشن پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي جھيڙي دؤران فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ٻنھي پيرس منور کوسو ۽ نثار کوسو جا لاش تعلقا اسپتال ميھڙ آندا ويا، جتي لاش پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آھن، جڏھن ته لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو جڏھن ته کوسا برادري جي ٻن ڌرين م ٿيل جھيڙي دؤران قتل ٿي ويل ٻن ڄڻن واري واقعي کانپوءِ علائقي م ڇڪتاڻ واري صورتحال ھجڻ ڪري وڌيڪ خون ريزي ٿيڻ جو خدشو آھي جڏھن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ناھي ٿيو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button