بريڪنگ نيوزسنڌ

آءِ ايم ايف کان ورتل قرضن معيشت کي تباهه ڪيو، مهانگائي سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي: سيد محمد راشد شاهه راشدي

مٺي / اسلام ڪوٽ(ڪنڀر/ بجير وٽان) مٺي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي ورڪرز ڪنوينشن کي فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي صوبائي نائب صدر سيد محمد راشد شاھ راشدي خطاب ڪندي چيو ته چيو آهي پ پ سرڪار گذريل 15 سالن جي دور اقتدار ۾ سنڌ جي عوام تي مهانگائي جا پهاڙ ڪيرائي عام ماڻهن جو  جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آھي، آءِ ايم ايف کان ورتل قرضن ملڪ جي معشيت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ڊالر تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. هن وقت ڊالر جي اڏام مان لڳي ٿو ته جلد پنج سئو تي پهچي ويندو. سيد محمد راشد شاھ راشدي چيو ته پ پ اها پراڻي پارٽي ناهي رهي، هي فقط لٽيرن جو ٽولو آهي جيڪي ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن، آئون پيپلز پارٽي ۾ ويٺل شريف ماڻهن کي اسان سان گڏ هلڻ لاءِ دعوت ڏيان ٿو. سيد محمد راشد شاھ راشدي چيو ته ارباب غلام رحيم سنڌ جو ايماندار سياستدان آهي، جنهن تي ٽڪي جي ڪرپشن ظاهر نه ٿي آهي. آئون اهڙي ايماندار شخص کي دعوت ڏيان ٿو ته اچي اسان سان گڏجي ڊي اي جي مالڪي ڪري. سيد محمد راشد شاھ راشدي چيو ته اليڪشن وقت تي ٿيندي يا نه اھو اسان جي وس ۾ ناھي ان لاءِ ڪجھه چئي نه نٿو سگهجي پر اهو ضرور چوندس ته نئون سال 2024ع خوشخبري جو سال آهي. سيد محمد راشد شاھ راشدي چيو ته جي ڊي اي اڳوڻي اليڪشن جو اتحاد هو ۽ ٿي سگھي ٿو ته ايندڙ اليڪشن ۾ به پ پ مخالف ڪو نئون اتحاد به ٺھي سگهي ٿو. سيد محمد راشد شاھ راشدي وڌيڪ چيو ته حُر هميشه وطن جي حفاظت لاءِ وڙھندا آھن، ۽  ايندڙ وقت ۾ به حُر جماعت ملڪ جي دفاع لاءِ پاڪ فوج سان گڏ هوندي. ورڪرز ڪنوينشن ۾ چيف خليفو فقير قادر بخش مڱريو، خليفو فقير سلطان راڄڙ، خان محمد مھر، خِضر حيات مڱريو سميت ارباب ذڪاءُ الله، ارباب انور، ارباب عنايت الله، ارباب خان صاحب توگاچي،  فقير مبارڪ مھر، حاجي خدا بخش درس، فقير محمد سليم مھر، عبدالرزاق راھمون، دلاور مالڪاڻي، علي حسن نظاماڻي، غلام مصطفيٰ مھر، لجپت سوراڻي، خليفو قربان راڄڙ، فقير سيد سائين ڏنو شاهه، خليفو قربان وڪيو، خليفو ڪريم بخش مهر، ڊاڪٽر غلام مصطفى ميمڻ، فقير اسماعيل راهمون، فقير الهبچايو وڪيو ۽ ۽ ٻيا موجود هئا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button