بريڪنگ نيوزسنڌ

اتحادي عام چونڊن کان ڀڄڻ چاهين ٿا،اسان ڪارڪردگي جي بنياد تي ايندڙ اليڪشن وڙهنداسين:بلاول ڀٽو

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اتحادي جماعتون ڊنل آهن اليڪشن کان ڀڄڻ چاهين ٿيون. حيدرآباد ۾ بلاول ڀٽو زرداري تقريب کي خطاب ڪندي چيوته عوام ڪڏهن به مون کي مايوس ناهي ڪيو، نالائقن کي ڪڍڻ ۾ اسان حيدرآباد جيعوام جي مدد سان ڪامياب ٿياسين، هو جيالن جي محنت سبب وزيراعظم ناهي رهيو.
هن چيو ته ماڻهو پاڻي لاءِ ترسي رهيا آهن پر اسلام آباد جا حڪمران وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، سنڌو درياهه هجڻ باوجود هتان جو عوام پاڻي لاءِ ترسي رهيو آهي، جيڪي هن شهر کي لنڊن مان هلائيندا هئا انهن کان پڇو ته هنن ان شهر کي هڪ ڦڙو به پاڻي جو نه ڏنو. سندس چوڻ هوته اسان ڪُلهن تي لاش کڻي اليڪشن وڙهڻ جا عادي آهيون، اسان اليڪشن کان نه ڀڄنداسين، پر جيڪڏهن اسان جا ڪجهه اتحادي اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهن ته انهن کي ڀڄڻ ڏيو، ڇو جو جڏهن اوهان اليڪشن ناهيون وڙهندا ته اوهان جي سيٽ ڪو ٻيو کڻي ويندو آهي. اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته آئون ايم ڪيو ايم کي بلدياتي چونڊون وڙهڻ جو چيو پر هنن نه مڃيو، آئون کي ايلازڪندو رهيس ته پنهنجون سيٽون پي ٽي آءِ کي نه ڏيو، رڳو پيرين پوڻ رهجي ويو هو، پر هو ڊپ ۾ پوئتي هٽيويا، اڄ به 18 مهينن کان پنهنجي سڀني اتحادي جماعتن کي چئي رهيو آهيان ته ڊڄندئو ته مرندئو، پر افسوس جي ڳالهه آهي جو اسان جا سياسي اتحادي ڊڄي چڪا آهن، هو متان عام چونڊن کان به ڀڄڻ چاهين ٿا. بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جو پي ٽي آءِ کي پيغام آهي ته اسان اوهان کان نٿا ڊڄون اسان مقابلو ڪرڻ اچي رهيا آهيون، آئون پي ٽي آءِ جو مقابلو نگران وزيراعظم جي طاقت سان نه پر عوام جي طاقت سان ڪندس، پ پ جي ڪردار ڪشي گذريل ٽن نسلن کان ٿي پئي اچي، اڄ به ڪوڙي پروپيگينڊا پنجاب ۽ پشاور ۾ وڪامجي ٿي. اڳوڻي وڏي وزير  ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳوڻي وڏي وزير مرادعلي شاهه چيو ته سنڌ مان ايتريون سيٽون کٽنداسين جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائينداسين پيپلزپارٽي هميشه ڪوشش ڪري ٿي ته شهرين کي سهولت ڏي هن چيو ته اسان پاڻي جو مقدار 35 مان وڌائي 70 ايم جي ڊي تائين پهچايو آهي اسان ٿرپارڪر ۽ ٿر تائين پاڻي پهچايو هن چيو ته حيدرآباد ۾ جعلي طريقي سان قابض ماڻهن ان کي کنڊرات بڻائي ڇڏيو تقريب کي شرجيل ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته ماڻهن کي اميد آهي ته پيپلزپارٽِ ملڪ کي غربت ۽ مهنگائي مان ڪڍي سگهي ٿي پي ٽي آئي چيئرمين جي حڪومت ملڪ کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪيو اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ناراض ملڪن کي ٻيهر دوست بڻايو هن دعويٰ ڪئي ته ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي حيدرآباد جون سڀ سيٽون کٽندي ان موقعي تي ناصر حسين شاهه چيو ته پهريون ڀيرو هڪ جيالو ميئر حيدرآباد منتخب ٿيو هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪٿي بهتر ڪارڪردگي رهي ته اها سنڌ حڪومت جي رهي اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو خطاب ڪندي چيو ته وڏا منصوبا بلاول ڀٽو ڏنا آهن عبدالرستار ايڌي روڊ جي هڪ فيز تي ڪم مڪمل ٿيو آهي،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو تقريب دوران شهيد بينظير ڀٽو جو ذڪر ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button