بريڪنگ نيوزقومي

ايراني تيل جي ڪاروبار ۽ اسمگلنگ ۾ 29 سياستدان ۽ 90ڪامورا ملوث هجڻ جو انڪشاف، ڳجهن ادارن پاران ڇرڪائيندڙ رپورٽ وزيراعظم هائوس ۾ جمع

اسلام آباد (بيورو)ڳجهي اداري جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ايراني تيل جي ڪاروبار ۾ پاڪستان جا 29 سياستدان به ملوث آهن. سول ڳجهي اداري اسمگلنگ تي رپورٽ وزيراعظم هائوس ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن ۾ اهو انڪشاف به ڪيو ويو آهي ته تيل جي اسمگلنگ مان ٿيندڙ آمدني دهشتگرد به استعمال ڪندا آهن. رپورٽ موجب ايران کان پاڪستان کي ساليانو 2 ارب 81 ڪروڙ ليٽر کان وڌيڪ جو تيل اسمگل ٿيندو آهي.ايراني تيل جي اسمگلنگ سبب پاڪستان کي ساليانو 60 ارب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي. ڳجهي اداري جي رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 959 پمپ ايراني تيل جي وڪرو جو ڪاروبار ڪندا آهن. ايراني تيل جي اسمگلنگ ۾ 90 سرڪاري اختياريون به ملوث آهن ۽ 29 سياستدان به ايراني تيل جي اسمگلنگ جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن. رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) جون گاڏيون به ايراني تيل جي ٽرانسپورٽيشن ۾ ملوث هونديون آهن. ايران کان تيل ايراني گاڏين ۾ اسمگلنگ ٿي پاڪستان ايندو آهي. تيل اسمگل ڪندڙ ايراني گاڏين کي زم ياد چيو ويندو آهي. ڳجهي اداري جي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 722 ڪرنسي ڊيلر اهڙي ڪاروبار ۾ ملوث آهن. سڀني کان وڌيڪ 205 ڊيلر پنجاب، خيبرپختونخواهه ۾ 193، سنڌ ۾ 176، بلوچستان ۾ 104، آزاد ڪشمير ۾ 37  ۽ اسلام آباد ۾ 17 ڊيلر اهڙي قسم جو ڪاروبار ڪندا آهن. ياد رهي ته نگران وفاقي سرڪار صوبائي حڪومتن سان ملي  سڄي ملڪ ۾ وڏي پيماني تي ڊالرز ۽ ٻين شين جي ذخيره اندوزي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري رکيو آهي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button