بريڪنگ نيوزسنڌ

باڊهه ۾ٽائون انتظاميا نااهلي جي حد ڪري ڇڏي، شهر جا علائقا گندي پاڻي هيٺ

باڊهه( ن م )باڊھ ۾ ٽائون ڪميٽي انتظامياجي نااھلي سبب شھر ۾ گندگي جو آزار وڌي ويو. نالن جو گندو پاڻي روڊن رستن تي اٿلي پيو. رھواسي گندي پاڻي مان گذرڻ تي مجبوربڻجي ويا. باڊھ شھر جي علائقن ڀٽي چوڪ پيرتقي شاھ درگاھ بوٿرو چوڪ گند روڊ جي نالن جي صفائي نه ٿيڻ سبب نالن جو گندو پاڻي رستي تي اٿلي پيو پاڻي تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳو مين روڊ جو پاڻي نيڪال نه ٿيو ڳوٺ گند جا رھواسي پيارو محلا بدرساريو ڪالوني دين محمد محلا معصوم ٻارڙا صبح جو تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻي مان  اسڪول ڏانھن ويندي ڪيترائي معصوم ٻارڙا گندي بيٺل پاڻي پير ترڻ سبب ڪري پيا رھواسين ماستر نورالدين ساريو راشد گلشاد لاکو گلشيرساريو وڏيرو منور ساريو احتجاجي مظاھرو ٽائون انتظامياخلاف سخت نعريبازي ڪندي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته باڊھ ٽائون ڪميٽي  انتظاميا جي لاپرواھي سبب شھر گندگي جي لپيٽ ۾ اچي ويو آھي آفيس ۾ 300 ملازم ڀرتي ٿيل آھن ماھوار ٻه ڪروڙ14لک بجيٽ پئي اچي شھرجي ڀلائي تي ٽڪو خرچ نه ٿو ڪيو وڃي سموري بجيٽ ڪاغذي ڪارروائي ۾ ھڙپ  ڊرينيج سٽم تباھ ٿي ويو آھي ناليون ختم ٿي ويون آھن پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جو ڪوبه رستو ناھي معصوم ٻارڙا عورتون پيرسن پاڻي مان گذرڻ دوران ڪيترائي دفعا ڪري زخمي ٿي پياآھن باڊھ ٽائون آفيسر ارشاد گل پريل سومرو شھرجي صفائي سٿرائي ڪرائڻ تي توجھ ڏيڻ بدران سمور ڌيان ڪرپشن تي آھي اسين نگران بلدياتي منسٽر سيڪريٽري بلديات ڊي سي لاڙڪاڻو اي سي ڏوڪري کي اپيل ٿاڪيون ته باڊھ گندو روڊ سان بيٺل گندو پاڻي ۽ ڪامورن جي ڪيل ڪرپشن جو فورن نوٽيس وٺي ذميوارٽائون آفيسر ارشاد گل انچارچ پريل سومرو خلاف قانوني ڪارروائي ڪري شھرمان گندگي جو آزار ختم ڪرائي انصاف فراھم ڪيو وڃي، مقررڪيل  ٽائون آفيسر کي ھٽايو وڃي.1

 

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button