بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي ڳنڀير آهي،گذريل حڪومت جي خرابين کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ شفاف چونڊون ضروري آهن:سردار عبدالرحيم

ڪراچي(بيورو) سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران ڪراچي پريس ڪلب م سنڌ م امن امان جي بدترين صورتحال بابت ٿيل  سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي سربراھ جي ڊي اي اڳواڻ سيد زين شاھه چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي خراب آھي،جنھن جا ذميدار ادارن سان گڏ سياسي پارٽيون به آھن ،سنڌ م امن امان بحال رکڻ لاءِ پوليس کي بااختيار بڻائڻو پوندو،ناڪارہ سسٽم جو خاتمو آڻڻو پوندو،اسان جي وڏن ملڪ جي آزادي لاءِ ان ڪري قربانيون ناھن ڏنيون هتي ڪير به محفوظ ن رھي،سنڌ واسي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور آھن،ادارن کي ايمانداري سان ڪم ڪرڻو پوندو،سيمينار کي خطاب ڪندي فنڪشنل ليگ سنڌ کي جنرل سيڪريٽري ،جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي ڳنڀير آھي،پندرنھن سالن کان سنڌ تي مسلط حڪومت جي خرابين کي ٺيڪ ڪرڻ لاء صاف شفاف چونڊون ضروري آهن،

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button