بريڪنگ نيوزقومي

اليڪشن ڪمشنر ۽ اسان کي خبر ناهي ته چونڊون ڪڏهن ٿينديون: بلاول ڀٽو زرداري

مظفر ڳڙهه (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري(ن) ليگ جو نالو کڻڻ کان سواءِ تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته  چيف اليڪشن ڪمشنر کي به خبر نه آهي ته چونڊون ڪڏهن ٿينديون، مون کي  به خبر ناهي چونڊون ڪڏهن ٿينديون پر هڪڙي پارٽي پاڻ  چونڊن جي تاريخ ڏئي رهي آهي. ڏکڻ پنجاب جي عوام هيل دوکيبازن جي پٺيان نه لڳي،بلاول ڀٽو زرداري مظفر ڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ مظفر ڳڙهه مان قومي اسيمبلي جون 3 سيٽون کٽيون  ايندڙ چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جون 5 سيٽون کٽينداسين. هن چيو ته نااهل ۽ نالائق وزيراعظم کي مڙهيو ويو جنهن سبب معيشت کي نقصان پهتو ۽ پرڏيهي لاڳاپا بحران جو شڪار ٿيا. اسان پي ٽي آءِ چيئرمين جي حڪومت عوام سان ملي سليڪٽڊ سرڪار جو خاتمو آندو،پ پ چيئرمين چيو ته چونڊن بابت سڀاڻي پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو  اجلاس ٿيندو هڪ پارٽي پاڻ چونڊن جي تاريخ ڏئي رهي آهي. ڪنهن کي به خبر ناهي ته چونڊون ڪڏهن ٿينديون. چيف اليڪشن ڪمشنر کي به خبر ناهي ته چونڊن ڪڏهن ٿينديون. مون کي به خبر ناهي چونڊون ڪڏهن ٿينديون. اوهان کي به خبر ناهي چونڊون ڪڏهن ٿينديون پر هڪڙي پارٽي کي اڳ ئي خبر آهي. جيڪڏهن 90 ڏينهن ۾ نه ٿيون ته ڪيترن ڏينهن ۾ چونڊون ٿينديون. اليڪشن ڪميشن تاريخ ته ڏئي،هن چيو ته چونڊون ٿيڻ گهرجن پر عجيب ڳالهه آهي ته صرف هڪ پارٽي چئي رهي آهي ته فيبروري ۾ چونڊون ٿينديون. اهڙي صورتحال ۾ اسان ليول پليئنگ فيلڊ نه هجڻ جو ڏوراپو نه ڏيون ته ڇا ڪريون. بلاول وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم ميثاق جمهوريت جي حق ۾ نه آهي. اسان ته چاهيو ٿي ته ميثاق جمهوريت 2 به بڻجي.  اسان نئين ميثاق جمهوريت جي ڪوشش ڪئي پر اهو به نه ٿي سگهيو،هن چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي وزارتن جي جوابده آهي ۽ پي ڊي ايم پنهنجي، پاڪستان جا مسئلا ڪابه هڪ پارٽي اڪيلي سر حل نٿي ڪري سگهي. پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ سمورين پارٽين کي گڏ ٿيڻو پوندو،پ پ چيئرمين چيو ته وڏن وڏن ماڻهن کي سبسڊي ڏيڻ جي بجاءِ عام ماڻهو کي رليف ڏنو وڃي. پيپلز پارٽي هميشه مزدورن ۽ هارين جي بهتري لاءِ قدم کنيا آهن. ايندڙ حڪومت ۾ مزدورن جي مدد لاءِ ليبر ڪارڊ متعارف ڪرائينداسين. پريشانيون ضرور آهن پر انهن جو حل به اسان وٽ موجود آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button