بريڪنگ نيوزسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ 30 رپيا نه ڏيڻ تان اسڪول انتظاميه پاران شاگردياڻي کي نيڪالي، احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو) لاڙڪاڻي شهر جي گورنمينٽ لٽل فوڪس اسڪول ۾ 7 ڪلاس جي شاگردياڻي کي برياني واري کي 30 روپيه نه ڏيڻ جي الزام هيٺ اسڪول انتظاميه شاگردياڻي کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، شاگردياڻي احتجاج ڪندي انصاف جي گهر ڪئي آهي. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي شهر جي گورنمينٽ لٽل فوڪس اسڪول ۾ 7 ڪلاس جي شاگردياڻي ام رباب سمون کي اسڪول اندر رسيس دوران ريڙهي تي برياني وڪرو ڪندڙ نينگري مٿان 30 روپيه نه ڏيڻ جو الزام لڳائي اسڪول انتظاميه کي شڪايت ڪئي، برياني وڪرو ڪندڙ جي شڪايت تي اسڪول انتظاميه نينگري ام رباب سمون کي اسڪول کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو جنهن بعد نينگري پنهنجي امڙ سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان صحافين آڏو روئيندي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نينگري جي امڙ فهميده سمون ۽ ام رباب جو چوڻ هو ته برياني واري کي 50 روپيه ڏئي برياني ورتي ريڙهي واري الزام لڳايو ته اوهان مون کي صرف 20 روپيه ڏنا آهن جنهن بعد مون کي دڙڪا ڏئي سمورين شين وارن کي چيو ته هي چور آهي. هنن وڌيڪ چيو ته اهڙي شڪايت اسين اسڪول انتظاميه کي ڏني پر انهن برياني وڪرو ڪندڙ جي حمايت ڪري اسان کي اسڪول مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي جيڪو تڪليف ڏيندڙ عمل آهي. هنن تعليم کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي اسڪول انتظاميه ۽ الزام لڳائيندڙ برياني واري کان پڇاڻو ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button