بريڪنگ نيوزسنڌ

سجاول لڳ ڪوچ جو ٽڪر لڳڻ سبب ٻہه معصوم واٽهڙو نينگر فوت

سجاول (ڊ ر )سجاول لڳ اي سي ڪوچ جي ٽڪر ۾ ٻہه معصوم نينگر فوت ٿي ويا۔ پوليس اي سي ڪوچ پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آھي۔سجاول ويجھو ٻڍو ٽالپر وٽ اسلام ڪوٽ کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار اي سي ڪوچ جي ٽڪر لڳڻ سبب ٻہه واٽھڙو نينگر 7 سالن جو يامين جسڪاڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏھن تہ  10 سالن جو حبدار جسڪاڻي سخت زخمي حالت ۾ ڪراچي اسپتال نيئندي فوت ٿي ويو۔ ٻئي پاسي  پوليس اي سي ڪوچ کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي، جڏھن تہ ڊرائيور حادثي کان پوءِ فرار ٿي ويو ھو، واضح رھي تہه ان کان اڳ ۾ بہه سجاول سميت اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين رستي ۾ ايندڙ شھرن ۽ ڳوٺن جا ڪيترائي ماڻھو اي سي ڪوچن جي ڊرائيورن جي لاپرواهيءَ ۽ تيز رفتاريءَ سبب پنھنجون حياتيون وڃائي ويٺا آھن، پر لاڳاپيل ادارن طرفان اي سي ڪوچن جي مالڪن يا ڊرائيورن خلاف ڪا بہ ڪارروائي نہه ٿي سگھي آھي.1۔

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button