بريڪنگ نيوزبين الاقوامي

حماس جا اسرائيل تي راڪيٽ حملا، 100 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا، هزارين زخمي، جوابي ڪارروائي ۾ 200 فلسطيني شهيد

والاريل بيت المقدس (م ڊ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم ۽ غزا جي حڪمران جماعت حماس آپريشن طوفان الاقصيٰ جو اعلان ڪندي اسرائيل تي وڏو حملو ڪري ڇڏيو، گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار راڪيٽ فائر ڪرڻ جي نتيجي ۾ 100 اسرائيلي مارجي ويا ۽ هزارين زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب غزا مان اسرائيل تي 5 هزار کان وڌيڪ راڪيٽ فائر ڪيا ويا ۽ ڪيترائي فلسطيني مجاهد اسرائيل ۾ داخل ٿي ويا، جتي انهن جون روڊن ۽ گهٽين ۾ اسرائيلي فوجين سان جهڙپون ٿي رهيون آهن. مجاهدن 35 اسرائيلي فوجين کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، ڪيترين ئي اسرائيلي فوجي گاڏين کي به قبضي ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ڪيترائي ٽينڪ پڻ تباهه ڪري ڇڏيا. حماس جي فوجي ونگ القسام بريگيڊز جي سربراهه ڪمانڊر محمد الضيف ”ابو خالد“ آپريشن طوفان الاقصيٰ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اهو حملو اسرائيل طرفان مسجد الاقصيٰ ۾ مسلسل شرپسندي ۽ فلسطينين تي ظلمن جو جواب آهي. راڪيٽ فائر ڪرڻ جي نتيجي ۾ اسرائيل کي وڏو مالي نقصان به ٿيو آهي، اسرائيل جي ڪيترن ئي علائقن ۾ دونهون ڪڪرن تائين وڃي رهيو آهي، جڏهن ته ڪيتريون ئي گاڏيون سڙي خاڪ ٿي ويون ۽ عمارتن کي به نقصان پهتو آهي. حملي کانپوءِ اسرائيل ۾ خطري جا سائرن وڄايا ويا ۽ اسرائيلي فوج جنگ جي حالت جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اسرائيلي حڪومت غزا ۾ به بمباري جو فيصلو ڪيو آهي. والاريل فلسطين جي آبادين ۾ فلسطيني نوجوان حماس جي مجاهدن جي آجيان ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته غزا سان اسرائيلي سرحد تي وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ ويڙهه جي ڪيترن ئي هفتن کانپوءِ حماس اهو حملو ڪيو آهي. جڏهن ته اسرائيل جي غزه تي جوابي ڪارروائي ۾  200 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا، 1600 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، حماس جي سربراهه چيو آهي ته اسرائيلي دهشتگردي جوي ڪاررواين کي منهن ڏيڻ فلسطيني عوام جو حق آهي . ٻنهي ڌرين  وچ ۾ تازو پيدا ٿيل ڇڪتاڻ تي پاڪستان پاران ڳڻتي جو اظهار، عالمي برادري ٻنهي ڌرين کي ڇرڪائيندڙ ڪارروائيون ڪرڻ کان روڪڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button