بريڪنگ نيوزسنڌ

صحافين کي سماجي برائين جي خاتمي لاءِ پوليس سان تعاون ڪرڻ گهرجي: ڊي ايس پي سنجهورو

سنجهورو (رپورٽ: حافظ هنڱورو) ڊي ايس پي سنجهورو لونگ خان شر پريس ڪلب سنجهورو ۾ اخبار وارن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته صحافت هڪ مقدس پيشو آهي صحافين کي گهرجي ته هو ڏوهارين ۽ ڏوهن ۽ سماجي برائين جي خاتمي لاءِ پوليس سان تعاون ڪن ڊي ايس پي لونگ خان شر ٻڌايو ته ايس ايس پي سانگهڙ رٽائرڊ ڪيپٽن صدام حسين خاصخيلي جي خاص هدايتن تي سنجهورو سب ڊويزن جي اندر پوليس جي طرفان سماج دشمن عناصرن، منشيات فروشن، عوام کي آزاريندڙ ڏوهارين ۽ سماجي برائين جي خلاف ڀرپور مهم شروع ڪئي وئي آهي هن سلسلي ۾ وڏي تعداد ۾ ڏوهارين ۽ منشيات فروشن کي گرفتار ڪري سندن قبضي ۾ وڏي تعداد ۾ ڪچو شراب، ٺرو، نشي واريون پڙيون ۽ ٻئي منشيات ۽ ناجائز هٿيار هٿ ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪري کين جيل حوالي ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري سنجهورو سب ڊويزن جي اندر امن امان جي صورتحال مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي، ڏوهن ۾ ٺاپر آئي آهي ۽ منشيات ۽ سماجي برائين جو پڻ خاتمون آندو ويو آهي ڊي ايس پي لونگ خان شر عوام کي اپيل ڪئي ته هو پوليس سان تعاون ڪري ڏوهارين ۽ منشيات فروشن جي نشاندهي ڪن جيئن انهن جو جلد مڪمل خاتمون آڻي سگهجي هن چيو ته عوام جي لاءِ سندس آفيس جا دروازا هر وقت کليل آهن جنهن کي به ڪو به مسئلو درپيش هجي يا ڪا به شڪايت هجي ته کيس ٻڌائين انشاءَ الله انهي جو فورن ازالو ڪيو ويندو ان موقعي تي سينيئر صحافي حافظ هنڱورو پريس ڪلب سنجهورو تي آمد تي ڊي ايس پي لونگ خان شر کي اجرڪ پڻ پارائي وئي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button