بريڪنگ نيوزسنڌ

شڪارپور جي ڪچي ۾ ٿاڻي تي ڌاڙيلن جو حملو، ايس ايڇ او ۽ سندس پٽ سميت 5 ڄڻا اغوا

پنوعاقل/ شڪارپور (اعجاز جهنڊير/ طفيل رند وٽان) شڪارپور جي ڪچي ۾ ٿاڻي تي ڌاڙيلن جو حملو، ايس ايڇ او، سندس پٽ  ۽ 3 اهلڪار اغوا، خان پور ڀرسان ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي ڌاڙيلن حملو ڪري پوليس عملي کي يرغمال بڻائي ورتو، هٿياربند ايس ايڇ او سميت 5 ڄڻن کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا. پوليس اختيارين موجب ٿاڻي تان اغوا ٿيلن ۾ ايس ايڇ او محبوب بروهي، سندس پٽ محمد بروهي، وڏو منشي نسيم گوپانگ، اهلڪار جان محمد بکراڻي ۽ اياز علي ڪنڀر شامل آهن.  اختيارين موجب ٿاڻي جي احاطي ۾ ئي ڌاڙيلن پوليس جي فيملي ڪوارٽرز وٽان ايس ايڇ او جي پٽ محمد بروهي کي اغوا ڪيو، ڌاڙيل ٿاڻي ۾ موجود سرڪاري هٿيار به کڻي ويا. اطلاع ملندي ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي پوليس جي اٽالن سميت واقعي واري هنڌ پهتو ۽ پيرا کڻائي ڪچي طرف روانو ٿي ويو. ذريعن موجب ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد مان ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس آپريشن دوران 2 خطرناڪ ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا هئا، جن جي سر جي قيمت به مقرر ٿيل آهي.  ڌاڙيلن طرفان مطالبو ڪيو ويو ته سندن ساٿين کي آزاد ڪيو وڃي، پر پوليس گرفتار ڪيل ٻنهي ڏوهارين کي آزاد نه ڪيو، جنهن جي ردعمل ۾ ڌاڙيلن ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي حملو ڪري پوري عملي کي يرغمال بڻايو ۽ ايس ايڇ او سميت 5 ڄڻن کي اغوا ڪري درياهه جي هن پار فرار ٿي ويا. ذريعن موجب ڌاڙيلن جو چوڻ آهي ته جيستائين سندن ماڻهو آزاد نه ڪيا ويندا، تيستائين هو پوليس اهلڪارن کي بازياب نه ڪندا. جڏهن ته  وڏي وزير ڪوٽ شاهو جي ايس ايڇ او ۽ ٽن اهلڪارن سميت 5 ڄڻن جي اغوا جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.  وڏي وزير وڌيڪ چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار ئي اغوا ٿين ته پوءِ عوام جو الله حافظ آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button