بريڪنگ نيوزسنڌ

مٽياري ڀرسان مبينا ڪارنهن الزام هيٺ عورت سميت 3 ڄڻا قتل

مٽياري (رپورٽ:فدا حسين سولنگي)مٽياري ڀرسان مبينا طور ڪارنهن جي الزام هيٺ عورت سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، ڳوٺ ڪرم لاشاري ۾ سهري پنهنجي ننهن ۽ ٻن نامعلوم ماڻهن کي ڪارنهن جي الزام هيٺ  قتل ڪري ڇڏيو پوليس موجب جوابدار حيات لاشاري رضيه زال محمد علي لاشاري ۽ ٻن نوجوانن ڳوٺ بچل هڱورجا واسي نبي بخش کوسو ۽ اڪن کوسو کي گوليون هڻي قتل ڪيو پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حيات لاشاري ننهن جي ڪمري ۾ ٻن مردن کي ڏٺو، ٽنهي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو مقتول نوجوانن جي وارثن موجب نبي بخش کوسو اڪن کوسو ڪالهه هالا وڃڻ جو چئي گهران نڪتا، ميڊيا ذريعي سندن قتل جي خبر پئي پوليس موجب مارجي ويل ناري رضيه جو ڏير احمد علي لاشاري به زخمي حالت ۾ اسپتال پهتو آهي، حيات لاشاري کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان بندوق هٿ ڪري ورتي آهي  عورت سميت ٽنهي مقتولن جامڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا، مقتول ناري ۽ نوجوانن جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، وارثن طرفان معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button