بريڪنگ نيوزسنڌ

ڀريا روڊ ۾ مبينا حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ متاثرن جو احتجاج

ڀرياروڊ (ن م) ڀرياسٽي جي ميمڻ برادري جي زخميعورتن ۽ مردن مسمات رحمت ميمڻ، مسمات صوبيا، مسمات حسنا، اڪبر ميمڻ، مختيار ميمڻ ۽ ٻين جو معصوم ٻارڙن سان گڏ ڀرياسٽي پوليس ۽ حملي ۾ ملوث بااثر جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس آڏو سخت احتجاجي مظاھرو ڪندي ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو ته گذريل رات معصوم ٻارڙن جي معمولي ڳالھه تان سيد برادري جي بااثرن اڪبر شاھ، سردار شاھ، ميراج شاھ ۽ قدير سولنگي 20 کان مٿي ھٿياربند ساڻ ڪري اسان جي گھر اندر داخل ٿي ھلان ڪري مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن مٿان لٺين ۽ ڪھاڙين سان حملو ڪري پنج عورتن ۽ چئن مردن کي زخمي ڪري گارگند ڪري وڌيڪ موتمار ڌمڪيون ڏئي ھليا ويا، جن خلاف ڀرياسٽي ٿاڻي فرياد داخل ڪرايو آھي پر ڀرياسٽي پوليس بااثر حملي ۾ ملوث جوابدارن سان ٻٽ  بڻيل آھي ۽ ھن مھل تائين ڪنھن جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آھي، حملي آوار ھن وقت به موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن جنھن سبب اسان جا معصوم ٻارڙا اسڪول به وڃي نٿا سگھن، ھنن وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، سيشن جج نوشھروفيروز، ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button