بريڪنگ نيوزقومي

عالمي برداري فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي روڪٿام لاءِ ڪردار ادا ڪري:آرمي چيف

راولپنڊي(م ڊ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي فلسطين جي سفير احمد جواد سان ملاقات ٿي جنهن ۾ هن غزا ۾ جاري جنگ ۾ فلسطينن جي جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير جنرل جي ايڇ ڪيو ۾ فلسطين جي سفير احمد جواد سان ملاقات ڪئي ۽ اسرائيلي فوج جي شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران آرمي چيف پاران اسرائيلي فوج طرفان معصوم شهرين جي قتلِ عام، اسڪولن، يونيورسٽيز، امدادي ڪارڪنن ۽ اسپتالن تي حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته غزه مان فلسطينن جي جبري نيڪالي انسانيت خلاف ڏوهه جي عڪاسي آهي، عالمي برادري اسرائيلي فوج جي فلسطين ۾ جاري جارحيت جي روڪٿام لاءِ ڪردار ادا ڪري، فلسطيني سفير سان ملاقات دوران آرمي چيف 1967ع کان پهرين سرحدي بنيادن قائم فلسطيني رياست جي حمايت جو عزم ورجايو. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف چيو ته اسرائيل خود غرضي ۽ تنگ نظريي تحت جبر ٿي رهيو آهي، اسرائيلي فوج جا ظلم انسانيت ۽ شهري قدرن جي ڀڃڪڙي آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button