بريڪنگ نيوزسنڌ

صوفي فِڪر ذريعي ڌرتيءَ کي ڏاڍ، جبر ۽ غلاميءَ مان نجات ڏياري سگهون ٿا : مانجهي فقير

سانگهڙ (عاجز منگي) سنڌ جي صوفي فڪر ۾ ئي اها سگهه سمايل آهي جنهن جي وسيلي اسان ڌرتيءَ کي هر قسم جي ڏاڍ، جبر ۽ غلاميءَ مان نجات ڏياري سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته صوفي ازم ۾ ڪردار جي وڏي اهميت آهي. ليڪن اسان جي سماج مان ان جي اهميت گهٽجي وئي آهي. جنهن کي بچائڻ جي اشد ضرورت آهي. اهڙو اظهار ناليواري صوفي شاعر، فنڪار ۽ مانجهائي جماعت جي سرواڻ مانجھي فقير تعلقي شھدادپور جي شهر ٻرهوڻ لڳ پنهنجي ڳوٺ جي آستانائه فقير صوفي در محمد جي اڱڻ تي سڄاڻ نوجوانن ۽ صحافين سان تفصيلي ڪچهري ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ ڌرتي مذهبن جي ماءُ رهي آهي. شاهه لطيف، سچل سرمست، صوفي شاهه عنايت، مخدوم بلاول ۽ سائين جي ايم سيد اسان جا فڪري رهنما آهن. جن اسان کي پاڻ سڃاڻي اڳتي وڌڻ جا ڪيترائي گس ڏنا آهن. جن تي عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت جي خانقاهن، آستانن توڙي سياسي پارٽين ۾ خود مطلبي ڪاهي پئي آهي. انهن کي سگهارين ڌرين جو آشيرواد حاصل آهي ان ڪري انهن مان سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ ڪا اُميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي مثل آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون تازو سنڌ جي شان ۾ صوفي فڪر جي حوالي سان ڪجهه ڪلام چيا آهن. اڌورو علم رکندڙ انهن ڪلامن جو ابتو مطلب ڪڍي فيس بڪ ذريعي منهنجي خلاف وڏي واويلا مچائي رهيا آهن ۽ مون کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. آئون انهن لاءِ واضح ڪيان تو ته مون غور، فڪر ۽ مشاهدو ڪيو آهي. آئون باري تعاليٰ جو انڪاري ناهيان. انڪاري انهن جو آهيان جيڪي سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن کي مسلڪن ۾ منجھائي صوفي فڪر کان پري ڪري اڻ سڌي طرح سنڌ جي دشمنن جي ونگار وهي رهيا آهن. آئون ڪنهن کان به ڊڄي چپ ڪرڻ بجاءِ پنهنجي شاعري ۽ آواز وسيلي قومي ڪردار ادا ڪندو رهندس. ان موقعي تي سينئر صحافي عاجز منگي مانجھي فقير کي سندس لائبريري لاءِ ڪتابن جو تحفو پڻ ڏنو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button