تازيون خبرون
مکيه صفحو / قومي خبرون / بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي شهرن جو رابطو ڪٽيل

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي شهرن جو رابطو ڪٽيل

ڪوئيٽا/ راولپنڊي (م-ڊ) بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي شهرن جو رابطو ڪٽيل، ريلوي پٽڙي پاڻي هيٺ هجڻ سبب ريلوي جو نظام درهم برهم هزارين ماڻهو ڦاٿل جڏهن ته پاڪ فوج بلوچستان ۾ برسات کانپوءِ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي فورسز انتظاميا جي مدد لاءِ بلوچستان پهتي آهي. بيان موجب پاڪ فوج جا هيلي ڪاپٽر ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهن، مڪران، لسٻيلا ۽ اتر بلوچستان ۾ امدادي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دوريجي ۽ قلعي سيف الله مان 15 سئو کان وڌيڪ خاندانن کي ريسڪيو ويو آهي، جڏهن ته 35 سئو خاندانن کي راشن فراهم ڪيو ويو. پاڪ فوج جا ڊاڪٽر ۽ عملو متاثرن کي طبي سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي، درا خوجڪ، درا لاڪ ۽ شيلا باغ ۾ ڦاٿل گاڏين کي به ڪڍيو ويو آهي.02

ھي به ڏسو

سيد صدر الدين شاهه راشدي سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي ملاقات

ڪراچي( بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي سان سنڌ …

شارٽ ڪٽ سان امير ٿيڻ وارن کي خبر هئڻ گهرجي ته ڪفن کي کيسا ناهن هوندا: نيب چيئرمين

لاهور(م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته شارٽ ڪٽ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے