بريڪنگ نيوزسنڌ

نگران وڏي جي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينه جو اجلاس، غير قانوني پرڏيهي جي نيڪالي لاءِ 4 ارب رپين جي منظوري

ڪراچي (بيورو) سنڌ ڪابينا ماڙي جلباڻي ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻن جي وارثن لاءِ 80-80 لک روپين جي معاوضن جي منظوري ڏئي ڇڏي. واقعي جي زخمين کي 20-20 لک روپيا ڏيڻ جي منظوري به ڏني وئي آهي. نگران وڏي وزير مقبول باقر ڪابينا جي مشاورت سان غيرقانوني پرڏيهين کي صوبي مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ 4 ارب روپين جو فنڊ به قائم ڪري ڇڏيو. وڏي وزير ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پرڏيهين جي واپسي لاءِ جيڪي به فنڊ موجود آهن اهي مهيا ڪيا ويندا.  نگران وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد ۽ جيڪب آباد مان پرڏيهين کي واپس اماڻڻ جو پلان مڪمل آهي. سنڌ ڪابينا پرڏيهين جي سندن ملڪن ڏانهن واپسيءَ تي ٿيندڙ خرچن جي نگراني لاءِ ڪميٽي به قائم ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button