تازيون خبرون
مکيه صفحو / قومي خبرون / ڏکيو وقت ختم ناهي ٿيو، اڳرائي جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو: ايئر چيف

ڏکيو وقت ختم ناهي ٿيو، اڳرائي جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو: ايئر چيف

ڪراچي (اين اين آءِ) هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان چيو آهي ته ڏکيو وقت ختم نه ٿيو آهي، اسان کي هاڻ به دشمن پاران ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو، مجاهد انور خان هوائي فوج جي فارورڊ آپريٽنگ بيسسز جو دورو ڪيو ۽ دوري دوران بيسسز تي هوابازن، ايئر ڊفينس، انجنيئرنگ ۽ سيڪيورٽي تي مقرر عملي سان ملاقات ڪئي، ان دوران ايئر چيف دشمن جي خلاف تازي هوائي ڪاميابي تي عملي جي بلند حوصلي ۽ پيشور مهارت کي ساراهيندي چيو ته اسان الله اڳيان سجدو ڪري شڪر ڪريون ٿا جنهن اسان کي هيءَ طاقت ڏني ۽ اسان پنهنجي قوم جي اميدن تي پورا لٿاسين، هن چيو ته دشمن سان تازي ڇڪتاڻ ۾ پنهنجي پاڪ وطن جي سلامتي ۽ دفاع جو فرض بهتر نموني ادا ڪرڻ تي سڄي قوم کي هوائي فوج تي فخر آهي پر ڏکيو وقت اڃا ختم نه ٿيو آهي، اسان کي هاڻ به دشمن پاران ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهڻو پوندو. 02

ھي به ڏسو

امام انقلاب شهيد سورهيه بادشاهه جو يوم شهادت اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

حيدرآباد(رپورٽ: اسد ڏاهري )بر صغير جي آزادي لاءِ هلايل سڀني تحريڪن ۾ اهم ڪردار ادا …

احتساب غيرجانبدار ٿيڻ گهرجي پر افسوس اسان کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي: وڏو وزير

مٺي/عمرڪوٽ(نمائندن وٽان) ٿرپارڪر مان ملڪي روشنائي جو خواب ساڀيان، ٿر ڪول بلاڪ ٻه مان 330 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے