بريڪنگ نيوزسنڌ

پاڪستان ۽ قطر نيوي جي اسپيشل فورسز وچ ۾ ٻه طرفي مشق پڄاڻي تي پهتي

ڪراچي(بيورو )پاڪستان نيوي اسپيشل سروس گروپ ۽ قطري نيول  اسپيشل  فورسز وچ ۾ ٻه طرفي مشق محارب البحر جي ڇهين ايڊيشن جو ڪراچي ۾ اهتمام ڪيو ويو.  هيءَ مشق هر سال  متبادل طور تي پاڪستان ۽قطر ۾ منعقد ڪئي وڃي ٿي ٻن هفتن تائين جاري رهندڙ مشقن ۾ فراگ مين آپريشنز، ڪوآرڊينيٽيڊ  ميري ٽائيم انٽرڊڪشن آپريشنز، شپ وزٽ- بورڊ- سرچ اينڊ سيزر، اسنائيپر ويپن فائرنگ، دهشتگردي ٽوڙ جي ٽريننگ، ڪلوز ڪوارٽر ڪامبٽ، فاسٽ روپ  انسر شنز  تي ٻڌل مشقون شامل هيون. مشقن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي دفاعي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽پاڪستان نيوي  اسپيشل سروس گروپ ۽قطري نيولز اسپيشل فورسز جي گڏيل تعاون  جي صلاحيت کي بهتر بنائڻ  هو. هيءَ مشق  ٻنهي بحرين فوجين جي اسپيشل فورسز جي پيشيوراڻن کي هٿي ڏيڻ لاءِ نهايت فائدي مند هجڻ سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي پراڻن ۽ ڀائري لاڳاپن جو مظهر آهي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button