بريڪنگ نيوزسنڌ

نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ جهنگلي جيوت کاتي جو اجلاس منعقد

ڪراچي(بيورو ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جهنگلي جيوت جي قيمتي ڪميونٽي زمينن جي تحفظ بابت کاتي کي هدايت ڪندي چيو آهي ته خشڪ ۽ آلي زمين، قدرتي پاڻي ۽ مٽي وارا علائقا جتي فصل نه پوکي ويندي آهي اتي شڪار لاءِ ڪميونٽي سان گڏجي حفاظتي انتظام ڪيا وڃن. هن چيو ته تحفظ جو مقصد ماحولياتي سياحت، سائنسي ۽ ڪنٽرولڊ گيم مئنيجمينٽ کي فروغ ڏيڻ آهي جنهن ۾ مقامي جيوت، ماحولياتي سياحت ۽ ٽرافي هنٽنگ شامل آهن. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري جنگلات نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو ڪاظم جتوئي، ايڊيشنل سيڪريٽري قاضي عبدالجبار، ايڊيشنل سيڪريٽري ٽيڪنالوجي خالد محمود، ڪنزرويٽر وائلڊ لائيف جاويد مهر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هر سال CITES مئنيجمينٽ اٿارٽي، موسمياتي تبديلي واري وزارت، وفاقي حڪومت لاڳاپيل صوبن ۾ ڪميونٽي بيسڊ ٽرافي هنٽنگ پروگرام لاءِ ٽرافي هنٽنگ ڪوٽا مختص ڪندي آهي جڏهن ته جولاءِ 2023ع ۾ CITES مئنيجمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي اجلاس ۾ ٽرافي هنٽنگ سيزن 2023ع جي ڪوٽا جي منظور ڏني وئي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گهٽ ۾ گهٽ محفوظ قيمتن کي به ري شيڊول ڪيو ويو آهي جنهن موجب ايڪسپورٽ لائق يوريل ۽ سنڌ آئي بيڪس پرڏيهين کي 20 هزار ڊالرن ۾ وڪرو ڪيا ويندا ۽ سنڌ آئي بيڪس 6 هزار ڊالرن ۾ ۽ پاڪستاني شڪارين لاءِ آئي بيڪس جون پنج ٽرافيون چار لک ۾ وڪرو ڪيون وينديون. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته 1838 مان 66 مرد آئي بيڪس هئا جن جي سنڱن جي سائيز 35 انچ يا ان کان وڌيڪ هئي جڏهن ته 1104 مان 49 يورال هئا جن جي سنڱن جي سائيز 22 انچ يا ان کان وڌيڪ هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ٽرافي هنٽنگ ۾ اهڙن جانورن جي ڳولا ڪئي ويندي آهي جن ۾ سنڱ، وڏا سنگ يا ڏندن جهڙا هٿيار هوندا آهن. نتيجتاً، اهڙيءَ ريت شمار ڪيل ٽرافيون هميشه بزرگ مردن جون هونديون هيون ۽ جن جانورن کي گهڻو ڪري ٽرافي جنس سمجهي ويندو آهي اهي انگوليٽ آهن. چيف ڪنزرويٽر جاويد مهر وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ٽرافي هنٽنگ کي هڪ انتظامي ٽول طور سڃاتو وڃي ٿو جنهن ۾ بالغ ۽ بزرگ مرد جنهن جي اڪثريت قدرتي فوڊ چين تي ٿيندي آهي انهن جي ڳڻپ لاءِ ٽارگيٽ جنس جو ساليانو سروي ڪرايو ويندو آهي، CITES مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ پاران ڪنوينشن آن انٽرنيشنل ٽريڊ آن انڊينجرڊ اسپيسيز آف وائلڊ فيونا اينڊ فلورا (CITES) جي ڪوٽا موجب ٽرافي هنٽنگ لاءِ فقط ٿورڙا پيش ڪيا ويندا آهن جن جو اخبارن ۾ وفاقي حڪومت، جنيوا سيڪريٽريٽ طرفان اشتهار ڏنو ويندو آهي ۽ اڪثر بين الاقوامي يا ملڪي ادارن جا ٽينڊر قبول ڪيا ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ٽرافي جو شڪار محفوظ علائقن (نيشنل پارڪس ۽ وائلڊ لائيف سينچوريز) ۾ نه پر رڳو گيم رزرو، خانگي ۽ سرڪاري زمينن ۾ ڪيو ويندو آهي. سيڪريٽري ٻيلي ۽ وائلڊ لائيف نجم شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته ٽرافي هنٽنگ جو مقصد آمدني حاصل ڪرڻ نه پر جهنگلي جيوت ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي جي انتظام ۽ تحفظ لاءِ ڪميونٽيز کي شامل ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪميونٽيز ۽ حڪومت جي وچ ۾ فائدي جي ڀاڱيواري جو منظور ٿيل تناسب 80:20 آهي جيڪو CITES مئنيجمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان پاران منظور ڪيو ويو آهي. نجم شاهه چيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به ٽارگيٽ نسل لاءِ مقامي برادري کي غير قانوني شڪار کان بچائڻ، پناهه گيرن جي تحفظ، انتظاميا لاءِ سروي جي صورت ۾ رهائش جي نگراني، پاڻي جي ورڇ ۽ ذخيري ۽ CBOs جي ٺهڻ کي آن بورڊ ورتو وڃي ٿو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر کان مارچ تائين شڪاري پکين جي نسل نه ٿيڻ جو موسم هوندو آهي تنهنڪري قانوني، اخلاقي، ذميوار ۽ پائيدار شڪار لاءِ ٽيڪنيڪل مناسب وقت آهي. وڏي وزير جهنگلي جيوت کاتي کي هدايت ڪئي ته ضلعو ٿرپارڪر، شهيد بينطيرآباد ڊويزن جتي گذريل سال شڪار سيزن 23-2022 ڪيو ويو هو انهن کي شڪار لاءِ بند ڪيو ويو آهي، مطلب ته هن سال جتي شڪار جي اجازت هوندي اهي علائقا ايندڙ سال شڪار لاءِ بند رهندا. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 2019ع ۾ انڊس ڊولفن جي آبادي 1419 رڪارڊ ڪئي وئي. جاويد مهر وڏي وزير کي ٻڌايو ته 1995ع کان 2020ع تائين 200 ڊولفن کي بچايو ويو. هن کاتي کي هدايت ڪئي ته انڊس ڊولفن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن. وڏي وزير کاتي کي هدايت ڪئي ته لڏپلاڻ ڪندڙ پکين جي تحفظ لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن. هن چيو ته لڏپلاڻ ڪندڙ پکي اسان جا مهمان آهن، انهن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button