بريڪنگ نيوزقومي

نگران وزيراعظم جي ڏوهاري علائقن ۾لائق آفيسرن جي مقرري لاءِ واضح پاليسي جوڙڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڏوهاري علائقن ۾ قابل آفيسرن جي  مقرري لاءِ واضح پاليسي جوڙڻ ۽ مقابلي جي امتحان  باقائدي سان منعقد ڪرڻ جي  هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون اقليتن تي ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙن کي برابر جا حق ۽ ترقي جا حق فراهم ڪري ٿو. هن جمع تي سول آفيسرن  ۽ مقررين ۽ خصوصي ڪوٽا جي حوالي سان جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار  احد خان  چيما، وزيراعظم جو سيڪريٽري، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ سيڪريٽري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن  شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تائزو ئي ڪوٺايل مقابلي جي خصوصي امتحان جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ته هن امتحان ۾ 15 هزارن کان  وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو، جنهن ۾ 35 سئو کان وڌيڪ جو تعلق بلوچستان سان آهي. هن امتحان ۾ بلوچستان، ڪوئيٽا جون  اٽڪل 60 کان وڌيڪ جايون آهن.  وزيراعظم هدايت ڪئي ته سرڪاري ڀرتين لاءِ مقابلي  جي امتحان  ۾  اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙن جي خالي جاين کي ڀرڻ لاءِ اهڙا امتحان باقاعدي سان منعقد ڪيا وڃن. اقليتن جي مقابلي جي امتحانن ۾ شوليت جي حوصلا افزائي سان گڏوگڏ آگاهي مهم به هلائي وڃي. بلوچستان سميت ملڪ جي  ڏوهاري علائقن ۾ قابل آفيسرن جي مقرري لاءِ واضح پاليسي جوڙي وئي. ۽ سول آفيسرن جي روٽيشن پاليسي کي ان جي حقيقي روح  مطابق بحال ڪيو وڃي. ۽ ان تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button