تازيون خبرون
مکيه صفحو / قومي خبرون / ڌمڪي يا طاقت سان اسان جو حوصلو ڪمزور نه ٿو ٿي سگهي، فوج نگراني برقرار رکي: جنرل قمر جاويد باجوه

ڌمڪي يا طاقت سان اسان جو حوصلو ڪمزور نه ٿو ٿي سگهي، فوج نگراني برقرار رکي: جنرل قمر جاويد باجوه

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڌمڪي سان اسان جو حوصلو ڪمزور نٿو ٿي سگهي، فوج نگراني ۽ هوشياري برقرار رکي، پاليسي ۽ طاقت جي استعمال جو حق رڳو رياست جي اختيار ۾ رهندو، قومي ايڪشن پلان تي عمل تيز ڪرڻ لاءِ حڪومت فيصلن موجب ڪوششون جاري رکيون وڃن، آءِ ايس پي آر موجب 219 هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس خميس تي جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جي صدارت هيٺ ٿي، اجلاس دوران جيو اسٽريٽجڪ ماحول، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ واري صورتحال جو جائزو ورتو ويو، عسڪري قيادت ڪنهن به مهم يا جارحيت جي خلاف پنهنجي وطن جي دفاع جي عزم جو اظهار ڪيو، اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ پلواما واقعي کانپوءِ ڀارت پاران ظلمن ۾ واڌ ۽ ايل او سي سان گڏ رهندڙ شهرين کي ڄاڻي واڻي لڳاتار نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته اهڙي قسم جا واقعا باهه کي ڀڙڪائي رهيا آهن، انهن کي خطي جي مفاد ۾ روڪڻ جي ضرورت آهي، هيءَ صورتحال عالمي ڌيان لاءِ تقاضا ڪري ٿي ته ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس نيشنل ايڪشن پلان 2014 جو جائزو ورتو، ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فوج جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته هٿياربند فوج کي قوم جي حمايت ۽ الله جي رحمت حاصل آهي، هن نگراني ۽ موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکي هوشيار رهڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ڪنهن به خطري کي منهن ڏئي سگهجي. 3

 

ھي به ڏسو

امام انقلاب شهيد سورهيه بادشاهه جو يوم شهادت اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

حيدرآباد(رپورٽ: اسد ڏاهري )بر صغير جي آزادي لاءِ هلايل سڀني تحريڪن ۾ اهم ڪردار ادا …

احتساب غيرجانبدار ٿيڻ گهرجي پر افسوس اسان کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي: وڏو وزير

مٺي/عمرڪوٽ(نمائندن وٽان) ٿرپارڪر مان ملڪي روشنائي جو خواب ساڀيان، ٿر ڪول بلاڪ ٻه مان 330 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے