بريڪنگ نيوزسنڌ

اسلام ڪوٽ  ويجهو اسڪولي بس ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، ٻه نوجوان فوت

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير)گذريل ڏينهن صبح سوير ٿرڪول روڊ تي حادثو پيش آيو جنهن ۾ ٻه نوجوان سئوٽ ٿڏي تي فوت ٿي ويا،  اسڪولي ٻار کڻي ويندڙ تيز رفتار بس سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل کي زوردار  ٽڪر هڻي وڌو جنهن سبب  موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ کاريو غلام شاهه جا رهواسي 30 ورهين جو اشوڪ ولد ڪيول ميگهواڙ ۽ سندس سئوٽ 36 ورهين جو گوپال ولد ڌرمون ميگهواڙ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا،اطلاع تي جهانگرو پوليس پهچي فوتين جا مڙهه اسلام ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيا  جتي ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا،چيو وڃي ٿو ته ٻئي نوجوان شادي شده هئا ٻنهي کي ٻن ٻن ٻارن جو اولاد ۽  پاڻ ۾ سئوٽ هئا ٻئي نوجوان  ٿرڪول بلاڪ ون تي مزدوري ڪندا هئا جتان رات واري  ڊيوٽي ختم ٿيڻ تي صبح جو  موٽرسائيل تي ڀرسان ئي پنهنجي ڳوٺ کاريو غلام شاهه وڃي رهيا هئا ته سامهون ايندڙ  ٽي سي ايف اسڪول جا ٻار کڻي ويندڙ اسڪول جي بس ٽڪر هڻي وڌو جنهن سبب حادثو پيش آيو،واقعي بعد بس جو ڊرائيور موقعي تان ئي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پوليس بس کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي،پوليس موجب اطلاع تي پهچي فوتين جا لاش کڻائي اسپتال پهچائڻ بعد ضروري ڪارروائي کان پوءِ وارثن جي حوالي ڪيا ويا جڏهن ته بس کي تحويل ۾ وٺي فرار ٿيل ڊرائيور جي ڳولا ڪئي پئي وڃي،هوڏانهن هڪ ئي وقت ٻنهي فوتي نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، سموري ڳوٺ ۾ ڏک ۽ غم وارو ماحول ڇائنجي ويو، ٻنهي فوتين جون آخري رسمون به ادا ڪيون ويون جنهن ۾ ڳوٺاڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي،چيو وڃي ٿو ته حادثي واري هنڌ روڊ تي برسات دوران وڏا کڏا پئجي ويا آهن جنهن سبب ڪيترائي حادثا پڻ پيش اچي چڪا آهن پر ضلعي  انتظاميه کڏن جي ڀرائي ڪرڻ جي بجاءِ اگهور ننڍ ستل آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button