بريڪنگ نيوزرانديون

ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ پاڪستان هٿان دلچسپ مقابلي کانپوءِ نيوزيلينڊ کي شڪست

بينگلور (م ڊ) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 35هين ميچ ۾ پاڪستان ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت نيوزيلينڊ کي 21 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي ۽ گرين شرٽس جون سيمي فائنل ۾ پهچڻ جون اميدون برقرار آهن. بينگلور ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏيندي نيوزيلينڊ جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 401 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ پاڪستان جي اننگز دوران وقفي وقفي سان برسات ٿيندي رهي ۽ قومي ٽيم 25.3 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 200 رنسون ٺاهيون ته وري برسات شروع ٿي وئي، جنهن کانپوءِ پاڪستان کي ڊي ايل ايس ميٿڊ تحت 21 رنسن تان ڪامياب قرار ڏنو ويو. نيوزيلينڊ جي اننگز ڪيوي ٽيم پهريان کيڏندي 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 401 رنسون ٺاهيون، اوپنر رچن رويندرا 108 رنسن جي اننگز کيڏي، ڪپتان ڪين وليمسن 95، گلين فلپ 41، مارڪ چيمپين 39، ڊيون ڪانوي 35، ڊيرل مچل 29، مچل سينٽنر 26 رنسن سان اڳڀرا رهيا. پاڪستان طرفان محمد وسيم جونيئر 3، حسن علي، افتخار احمد ۽ حارث رئوف هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. پاڪستان جي اننگز پاڪستان بيٽنگ شروع ڪئي ته پهرين وڪيٽ 11 رنسن جي مجموعي اسڪور تي عبدالله شفيق جي صورت ۾ ڪِري پئي، جنهن رڳو 4 رنسون ٺاهيون، پوءِ بابر اعظم ۽ فخر زمان ڪيوي بالرن کي ڀرپور ڪٽڪو ڏنو. فخر زمان شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 63 بالن تي 9 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان ڪيريئر جي 11هين سينچري اسڪور ڪئي، ورلڊ ڪپ ۾ اها ڪنهن به پاڪستاني طرفان تيز ترين سينچري آهي. پاڪستان هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 106 رنسون ٺاهيون ته برسات سبب ميچ روڪي وئي ۽ ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت گرين شرٽس کي 41 اوورن ۾ 342 رنسن جو هدف مليو. وقفي وقفي سان برسات ٿيندي رهي ۽ ميچ کي روڪيو ويو، پاڪستان 25.3 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 200 رنسون ٺاهيون ته برسات مسلسل جاري رهڻ سبب ميچ ختم ڪئي وئي ۽ ڊي ايل ايس ميٿڊ تحت پاڪستان کي 21 رنسن تان فاتح قرار ڏنو ويو. ميچ جي پڄاڻي تي فخر زمان 81 بالن تي 126 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو، سندس اننگز ۾ 11 ڇڪا ۽ 8 چوڪا شامل هئا، جڏهن ته بابر اعظم 63 بالن ۾ 66 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. واضح رهي ته ان ميچ جي نتيجي کانپوءِ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جون 8-8 پوائنٽون برابر ٿي ويون آهن، نيوزيلينڊ جي آخري ميچ سريلنڪا ۽ گرين شرٽس جي آخري ميچ انگلينڊ سان آهي، جنهن کانپوءِ فيصلو ٿيندو ته ڪهڙي ٽيم سيمي فائنل ۾ ويندي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button