تازيون خبرون
مکيه صفحو / قومي خبرون / ڀارت کي جاچ جي آڇ تي ڪوئي جواب ناهي مليو، جنگ مڙهي وئي ته ڄاڻون ٿا ته ڪيئن وڙهي ويندي آهي: چوڌري فواد حسين

ڀارت کي جاچ جي آڇ تي ڪوئي جواب ناهي مليو، جنگ مڙهي وئي ته ڄاڻون ٿا ته ڪيئن وڙهي ويندي آهي: چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءِ جي وفاقي وزير چوڌري فواد چيو آهي ته ڀارت کي جاچ جي آڇ تي ڪوئي جواب ناهي مليو، جنگ مڙهي ويئي ته ڄاڻون ٿا ته ڪيئن وڙهي ويندي آهي. وزيراعظم عمران خان ڀارت کي چيو آهي ته هڪ قدم اڳتي وڌايو اسان ٻه قدم وڌائنداسين پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ قدم کنيا مودي چونڊن لاءِ جنگ وارو ماحول پيدا ڪرڻ چاهي ٿو ڀارت بلوچستان ۾ دهشتگردي ڪري اسان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي روسي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي ڀارت پاران ثبوت نه مليا آهن. هن چيو ته ڀارت کي جاچ ڪرڻ جي آڇ ڪئي ان تي به ڪوئي جواب ناهي مليو اسان وٽ 3 آپشن وٽ هئا اسان پاڙِسري آهيون 70 سالن ۾ 3 جنگيون وڙهي چڪا آهيون هڪ ٻئي به وڙهي سگهون ٿا ٻيو آپشن اهو آهي ته اسان هڪٻئي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا رهون ٽيون آپشن اهو آهي ته گڏجي ويهي ڳالهيون ڪريون ۽ دهشتگردي خلاف پاٽنر بڻجي وڃون هن چيو ته ڀارت کي ٽي آپشن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ان کان سواءِ ڇا ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته مسئلن جو واحد حل ڳالهين ۾ آهي.02

ھي به ڏسو

امام انقلاب شهيد سورهيه بادشاهه جو يوم شهادت اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

حيدرآباد(رپورٽ: اسد ڏاهري )بر صغير جي آزادي لاءِ هلايل سڀني تحريڪن ۾ اهم ڪردار ادا …

احتساب غيرجانبدار ٿيڻ گهرجي پر افسوس اسان کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي: وڏو وزير

مٺي/عمرڪوٽ(نمائندن وٽان) ٿرپارڪر مان ملڪي روشنائي جو خواب ساڀيان، ٿر ڪول بلاڪ ٻه مان 330 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے