تازيون خبرون
مکيه صفحو / قومي خبرون / پاڪستان ۾ پي ايس ايل جون مئچون نه ڪرائڻ جي سازش رٿي وئي جيڪا ناڪام بڻائي ڇڏي: مراد علي شاهه

پاڪستان ۾ پي ايس ايل جون مئچون نه ڪرائڻ جي سازش رٿي وئي جيڪا ناڪام بڻائي ڇڏي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ڪراچي جي ٽئين مرحلي ۾ خاص طور پٺتي پيل ۽ صنعتي علائقن مثال طور لياري، ڪورنگي ۽ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ نئين سر تعميراتي ڪم شروع ڪيا ويندا جنھن لاءِ تقريباً 4 ارب رپين جون ترقياتي اسڪيمون شروع ڪيون وينديون جنھن جو ھن اڄ دورو پڻ ڪيو ۽ پنھنجي انھيءَ دوري جي آخري مرحلي ۾ ڪڪڙي گرائونڊ لياري ۾ ٻارن سان گڏ ڪرڪيٽ راند پڻ کيڏي. آچر ڏينھن جي صبح وڏو وزير سيد مراد علي شاھھ مڪاني کاتن جي صوبائي وزير سعيد غني، اطلاعات واري صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪراچي پيڪيج نياز سومرو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان گڏ مختلف جڳھين جو دورو ڪيو جتي ترقياتي تيزي سان جاري آھن. ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ پاڪستان ۾ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ميچن کي منسوخ ڪرڻ جي سازش رٿي وئي ھئي پر الله تعاليٰ جي مھرباني ۽ اسان جي مخلصاڻي ڪاوشن ڪارڻ 8 پي ايس ايل ميچن سوڌو فائنل بھ شھر ۾ ڪرائڻ پيا وڃون. ھن چيو تھ سرحدن تي صورتحال پيچيده آھي تنھن ڪري ماڻھن کي پي ايس ايل جي ميچن بابت شڪ ۽ شبھا ھئا پر ھاڻي صورتحال بھتر آھي ۽ شھر ۾ ميچ کيڏيا پيا وڃن. ھن چيو تھ اھو سڀ ڪجھھ ڪراچي جي ماڻھن جي جذبي سبب ممڪن ٿيو آھي. ھن چيو تھ پي ايس ايل فائنل کانپوءِ ايندڙ پي ايس ايل ۽ قومي ٽيم لاءِ صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ٽيلنٽ ھنٽ لاءِ ڪاوشون ڪيون وينديون ۽ ايندڙ سال نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ھڪ ميچ جو اھتمام ڪيو ويندو. ترقياتي ڪاوشن بابت ڳالھائيندي وڏي وزير چيو تھ صوبائي حڪومت کي فنڊز جي کوٽ جا مسئلا درپيش آھن پر انھيءَ جي باوجود شھر جي نئين سر تعمير ۽ ٻين ترقياتي ڪمن کي روڪيو نھ ويو آھي. ھن چيو تھ مون سڀني اسڪيمن جو دورو ڪيو جيڪي اسان شروع ڪيون آھن ۽ انشاءُ الله سموريون اسڪيمون ايندڙ چئن مھينن اندر مڪمل ٿي وينديون. ٻئي طرف  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي سبب اسان جي معيارِ زندگي ۾ پھرين جي ڀيٽ ۾ گھڻي ترقي ۽ سڌارو آيو آھي ۽ اسان ان حقيقت کان انڪار نٿا ڪري سگھون تھ اسان مان ھر ھڪ جي زندگي جو دارومدار سائنسي ايجادن ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي آھي. ھن اھا ڳالھھ اڄ انٽرنيشنل ڪانفرنس آن انفارميشن، سائنس اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي (ICISCT-19) جنھن جو اھتمام ڪراچي يونيورسٽي جي ڪمپيوٽر سائنس، عمر ڀاشا انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ ڪيو ھو، کي خطاب ڪندي چئي. ڪانفرنس ۾ تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاھھ ۽ آئي ٽي سنڌ جو وزير تيمور ٽالپر پڻ شرڪت ڪئي. 3

ھي به ڏسو

امام انقلاب شهيد سورهيه بادشاهه جو يوم شهادت اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

حيدرآباد(رپورٽ: اسد ڏاهري )بر صغير جي آزادي لاءِ هلايل سڀني تحريڪن ۾ اهم ڪردار ادا …

احتساب غيرجانبدار ٿيڻ گهرجي پر افسوس اسان کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي: وڏو وزير

مٺي/عمرڪوٽ(نمائندن وٽان) ٿرپارڪر مان ملڪي روشنائي جو خواب ساڀيان، ٿر ڪول بلاڪ ٻه مان 330 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے