تازيون خبرون
مکيه صفحو / سنڌ سماچار / فنڪشنل ليگ اڳواڻ چوڌري افتخار احمد آرائين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

فنڪشنل ليگ اڳواڻ چوڌري افتخار احمد آرائين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

سانگھڙ  (عاجز منگي) سنڌ جي اڳوڻي قانون واري وزير ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي اهم اڳواڻ چوڌري افتخار احمد (مرحوم) جي جنازي نماز سانگھڙ جي بلال مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ حر جماعت جي معززن، فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻن سميت زندگيءَ جي مختلف طبقن سان واسطو رکندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جن ۾ خليفو علي غلام نظاماڻي، خليفو محمد قاسم مهر، خليفو محمد سالڪ سنجراڻي، اڳوڻو ايم پي اي سعيد خان نظاماڻي، ماهي خان وساڻ، فقير محمد بخش خاصخيلي، ڪاشف نظاماڻي، ڊاڪٽر محمود احمد راجپوت، ڊاڪٽر محمد هاشم خاصخيلي، ملڪ شير محمد، ڊاڪٽر عبدالرحمان لغاري، محمد سليمان خاصخيلي، مير علي مري، فقير نصرت حسين وسطڙو، رئيس الهه بچايو نظاماڻي، راڻو راشد، رسول بخش جنجهه، امير علي لسڪاڻي، علي شير وساڻ، مٺل وساڻ، مراد علي نظاماڻي، سيد لطيف شاهه، انجم آفتاب نظاماڻي، اختر قريشي، اسلم ميمڻ، حسن لانڊر، هوش محمد منگي وڪيل، الطاف جوڻيجو وڪيل، چوڌري عبدالمجيد وڪيل شامل آهن. هوڏانهن هائوسنگ سوسائٽي سانگھڙ ۾ مرحوم جي رهائشگاهه تي تڏو وڇايو ويو آهي. جتي سندس پٽ چوڌري احسن افتخار، ڀائرن چوڌري جاويد احمد، ڊاڪٽر اقتدار احمد ۽ ٻين سوڳوارن سان تعزيتي سلسلو جاري آهي. مرحوم جي دعاءِ قل اڄ صبح جو ڏهين وڳي بلال مسجد سانگھڙ ۾ ٿيندي.6

ھي به ڏسو

ڀٽ شاهه قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ٽريڪٽر کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 ڄڻا زخمي

ڀٽ شاهه (ن_خ)ڀٽ شاهه ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ٽريڪٽر کي ٽڪر، هڪ ڄڻو …

شهيد سورهيه بادشاهه حق ۽ سچ جي راهه تي هلندي عوام ۽ سنڌ جي بقا لاءِ قرباني ڏني: سيد محمد اسماعيل شاهه راشدي

گمبٽ (ن-م )فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ پاران گمبٽ جي هڪ مقامي هوٽل ۾ شهيد سورهيه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے