تازيون خبرون
مکيه صفحو / سنڌ سماچار / شهيد سورهيه بادشاهه جي يوم شهادت تي عام موڪل واري سنڌ اسيمبلي جي قرارداد تي عمل نه پيو ٿئي: خليفو وريام فقير خاصخيلي

شهيد سورهيه بادشاهه جي يوم شهادت تي عام موڪل واري سنڌ اسيمبلي جي قرارداد تي عمل نه پيو ٿئي: خليفو وريام فقير خاصخيلي

جھول (رپورٽ: منٺارڪوري) امام انقلاب شهيد سورهيه بادشاهه جي شهادت واري ڏهاڙي 20 مارچ تي عام موڪل ڪرڻ واري قرارداد سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيل آهي پر عمل نه پيو ٿئي پ پ وارن چورن ڌاڙيلن وانگر سنڌ جي ادارن کي ڦريو لٽيو آهي. هن وقت سنڌ جو عوام عذاب ۾ آهي ضلعي سانگھڙ ۾ گئس جي رائلٽي وارا پئسه به پ پ وارا هڙپ ڪري ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ اسيمبلي جو ميمبر خليفو وريام فقير خاصخيلي جھول ۾ اسدالله ماڊل ڪالوني جي آفيس ۾ سيٺ رحمت الله ڀاڻوجو ۽ سيٺ وڪيل احمد ڀاڻوجو جي چانھه جي دعوت ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي آزادي جي لاءِ حُر تحريڪ جو باني امام انقلاب شهيد سورهيه بادشاهه جي شهادت واري ڏهاڙي 20 مارچ تي پاڪستان سميت سنڌ ۾ عام موڪل ٿيڻ جي سنڌ اسيمبلي ۾ پنج ڀيرا قرارداد منظور ٿيل آهي پر عمل نه پيو ٿئي پ پ وارن سنڌ جي ادارن کي چورن ڌاڙيلن وانگر لٽيو ڦريو آهي جنهن سان عوام عذاب واري زندگي گذاري رهي آهي سنڌ ۾ ٿرجي ماروئڙن جي سار سنڀال  نه لهڻ وڏي ناانصافي ٿري ماروئڙن سان ٿي رهي آهي ٿر جا معصوم ٻارڙا بک وگھي فوت ٿين پيا ٿرڪول، ڪوئلو جھڙا ادارا اسان کي ٿرمان مليا آهن ضلعي سانگھڙ جي رائلٽي 13 سالن کان پ پ جي قبضي ۾ هئي جڏهن نيب ڏنڊو کنيو آهي اتي نئون ضلعي سانگھڙ گئس جو چيئرمين مقرر ڪري اپوزيشن وارن سان گڏجي ترقياتي اسڪيمون ورتيون ويون ضلع سانگھڙ جي گئس جي رائلٽي ماضي واري جي جانچ ٿيڻ گھرجي انهيءَ موقعي تي عطا محمد ڀاڻوجو البيلو مڱريو استاد ولي محمد ڏهيو صدورو ڀاڻوجو مسڪين اڄڻ رياض هاليپوٽو موجود هئا انهيءَ کان اڳ ۾ جھول لڳ ڳوٺ ولي محمد ڪيريو جي پ پ اڳواڻ حاجي محمد حسن ڪيريو جي وفات تي حاجي ميرحسن ڪيريو ۽ يونين ڪائونسل ولي محمد ڪيريو جي چيئرمين امير علي ڪيريو سان روبرو تعزيت ڪئي.02

 

ھي به ڏسو

ڀٽ شاهه قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ٽريڪٽر کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 ڄڻا زخمي

ڀٽ شاهه (ن_خ)ڀٽ شاهه ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ٽريڪٽر کي ٽڪر، هڪ ڄڻو …

شهيد سورهيه بادشاهه حق ۽ سچ جي راهه تي هلندي عوام ۽ سنڌ جي بقا لاءِ قرباني ڏني: سيد محمد اسماعيل شاهه راشدي

گمبٽ (ن-م )فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ پاران گمبٽ جي هڪ مقامي هوٽل ۾ شهيد سورهيه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے