بريڪنگ نيوزسنڌ

مٽياري ۾ هٿياربندن هٿان سينيئر صحافي زخمي، اسپتال داخل

مٽياري (ڊ ر) مٽياري ۾ ٺارو شاھ روڊ تي سينيئر صحافي استاد گنگو مل مٿان سندس دڪان تي موٽر سائيڪل سوار نامعلوم ھٿيار بندن پاران حملو ڪري کيس لٺيون ھڻي شديد زخمي ڪري ڇڏيو. ھٿياربند فائرنگ ڪندا آسانيءَ سان فرار صحافي گنگو مل کي فوري طور اتي موجود ماڻهن تعلقه اسپتال مٽياري منتقل ڪيو. جتان ڳڻتيءَ جوڳي حالت ھئڻ سبب کيس حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. ھڪ بااثر شخصيت خلاف اغوا ڪيس ۾ سندس خلاف گواهه طور شاھد آھيان جنهن جي ڪري مون کي ڪيترائي ڀيرا موت مار ڌمڪيون به ڏنيون ويون آهن. مون کي شڪ آهي ته مون کي مارڻ جي ارادي سان حملو ڪيو ويو آهي منهنجي مزاحمت ڪرڻ ۽ اتي موجود ماڻهن جي ھئڻ سبب  جوابدار فرار ٿي ويا .

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button