تازيون خبرون
مکيه صفحو / قومي خبرون / جي ڊي اي پير سائين پاڳارا جي قيادت ۾ متحد ۽ منظم آهي: سيد صدرالدين شاهه راشدي

جي ڊي اي پير سائين پاڳارا جي قيادت ۾ متحد ۽ منظم آهي: سيد صدرالدين شاهه راشدي

ڪراچي(بيورو رپورٽ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي )جي مرڪزي اڳواڻ سيد صدرالدين شاهه راشدي چيو آهي جي ڊي اي پيپلزپارٽي کي سنڌ جي سياسي ميدان ۾ فري هينڊ نه ڏيندي، ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي ۽ هاڻي تبديلي کانپوءِ سنڌ جي عوام کي خوشحالي نصيب ٿيندي. پنهنجي جاري ڪيل  بيان ۾ سيد صدرالدين شاهه راشدي چيو ته جي ڊي اي جو هڪ اهم اجلاس اڄ منجهد جو هڪ وڳي  پير سائين پاڳارا جي صدارت هيٺ مٽياري ۾ ٿيندو،  جنهن ۾ جي ڊي اي جي ٽڪيٽ هولڊرز کانسواءِ جي ڊي اي جا اهم اڳواڻ شرڪت ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته اجلاس ۾  انقلابي تبديلين جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته اجلاس ۾ سنڌ ۾ تباهه ٿيل زراعت، تعليم، پاڻي، امن امان جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ جي ڊي اي پير سائين پاڳارا  جي قيادت ۾ متحد منظم آهي . هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي جارحيت جو جي ڊي اي ڀرپور جواب ڏيندي.

ھي به ڏسو

امام انقلاب شهيد سورهيه بادشاهه جو يوم شهادت اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

حيدرآباد(رپورٽ: اسد ڏاهري )بر صغير جي آزادي لاءِ هلايل سڀني تحريڪن ۾ اهم ڪردار ادا …

احتساب غيرجانبدار ٿيڻ گهرجي پر افسوس اسان کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي: وڏو وزير

مٺي/عمرڪوٽ(نمائندن وٽان) ٿرپارڪر مان ملڪي روشنائي جو خواب ساڀيان، ٿر ڪول بلاڪ ٻه مان 330 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے