تازيون خبرون
مکيه صفحو / سنڌ سماچار / سانگهڙ ضلعي ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لهڻ شروع، خوراڪ کاتي پاران خريداري مرڪز کلي نه سگهيا

سانگهڙ ضلعي ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لهڻ شروع، خوراڪ کاتي پاران خريداري مرڪز کلي نه سگهيا

سانگهڙ (ت ر)  ضلعي سانگهڙ ۾ ڪڻڪ جو فصل تيار ٿي ويو زراعت کاتي موجب هن سال هڪ لک نوي هزار هيڪٽر ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي جو ٽارگيٽ رکيو ويو جنهن جو اٺهتر سيڪڙو پوکائي ٿي سگهي آهي ٻئي پاسي سانگهڙ جي ڀرپاسن پيرومل، ارڙهون ميل، دلشاد شاخ ڪنڊياري چوٽياريون ٽنڊومٺا خان گجري ۽ ٻين علائقن ۾ لابارا شروع ٿي ويا آهن پر اڃا تائين خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري بابت پاليسي نه جڙڻ جي ڪري سانگهڙ جا آبادگار ڪڻڪ هڪ هزار کان يارنهن سئو روپين ۾ واپارين کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن. ان حوالي سان آبادگارن رضا محمد خاصخيلي غلام رسول بهڻ شمس الدين لغاري ۽ ٻين چيو ته ڪڻڪ جو فصل مڪمل تيار ٿي ويو آهي پهرين پاڻي جي کوٽ هئي الله سائين ڪرم ڪري برسات وسائي آهي ته ڪجهه ڪڻڪ جو فصل بهتر ٿيو آهي پر هاڻ اڃا تائين حڪومت سنڌ طرفان خريداري متعلق ڪا واضع پاليسي ناهي ٺهي، لڳي ٿو ٻيهر بارداڻي جي پويان ٺوڪرون کائڻيون پونديون. ٻئي پاسي زراعت کاتي سانگهڙ جي هيڊ ڪلارڪ هاشم ٻڌايو ته هن سال جيڪو ڪڻڪ جو ٽارگيٽ رکيو ويو هو اهو هڪ لک نوي هزار هيڪٽر هو جنهن مان ضلعي اندر اٺهتر سيڪڙو پوکائي ٿي آهي هڪ سٺي ڳالهه اها آهي ته جيڪي هاڻ برساتون پيون آهن اهي پاڇاٽي فصل لاءِ فائديمند ثابت ٿيون آهن ان ڪري ڪڻڪ جي داڻي جو وزن هئڻ ڪري ٽارگيٽ پورو ٿي ويندو .6

ھي به ڏسو

ڀٽ شاهه قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ٽريڪٽر کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 ڄڻا زخمي

ڀٽ شاهه (ن_خ)ڀٽ شاهه ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ٽريڪٽر کي ٽڪر، هڪ ڄڻو …

شهيد سورهيه بادشاهه حق ۽ سچ جي راهه تي هلندي عوام ۽ سنڌ جي بقا لاءِ قرباني ڏني: سيد محمد اسماعيل شاهه راشدي

گمبٽ (ن-م )فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ پاران گمبٽ جي هڪ مقامي هوٽل ۾ شهيد سورهيه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے