تازيون خبرون
مکيه صفحو / سنڌ سماچار / حضرت شهيد سورهيه بادشاهه جون ملڪ جي آزادي لاءِ وڏيون قربانيون آهن: ڄام نفيس علي

حضرت شهيد سورهيه بادشاهه جون ملڪ جي آزادي لاءِ وڏيون قربانيون آهن: ڄام نفيس علي

جهول( منٺار ڪوري)حضرت شھيد سورھيه بادشاھ جون ملڪ جي آزادي لاءِ وڏيون قربانيون آھن 20 مارچ تي شھيد سورھيه بادشاھ جي يوم شھادت تي سنڌ حڪومت سميت وفاقي حڪومت کي عام موڪل ڪرڻ سان گڏ شھيد سورھيه بادشاھ تي سرڪاري طور تي تعزيتي ميڙاڪا ڪرائڻ گهرجن ۽ اسان هر يوسي ۽ تعلقه سطح تي شھيد سورھيه بادشاھ جو شھادت وارو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ڪنداسون. اھڙو اظھار جي ڊي اي جي صوبائي اڳواڻ نوابزاده ڄام نفيس علي رڪن ٻرڙا ۾ روزي خان پٺاڻ سان ڀاءُ جي وفات خالد وساڻ سان والده جي وفات سڪندر علي مڱريو سان والد جي وفات پير اشفاق قريشي سان والده جي وفات غلام قادر خاصخيلي سان والده جي وفات تي ساڻن تعزيتون ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيون ڄام نفيس علي وڌيڪ چيوته جي ڊي اي  جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن قبلا پير سائين پاڳارا جي سربراهي ۾ پاڪ فوج سان گڏ ملڪ جي سرحدن جي حفاظت اڳئي به ڪئي آھي ۽ هيئنر به ڪري رهيا آهن  ھن چيو ته پاڪستان جي عوام امن پسند آهي جنگون  ڪنهن به صورت  ملڪي مفادن ۾ نه هونديون آھن ڀارت کي پنهنجي اڳرائي جو پاڪ فوج هٿان جواب ملي چڪو آهي اسان اڳ به پاڪ فوج سان گڏ هئاسون ۽ هينئر به پاڪ فوج سان گڏ آهيون. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن جي بادشاهن جي پڪڙ شروع ٿي وئي آهي ۽ جلد ڪرپشن جي وڏن  بادشاهن جو به سياسي کيل ختم ٿيڻ وارو آهي سنڌ ۾ نيب جي ڪاروائين جي اهي ماڻهو مخالفت ڪري رهيا آهن جن جا مڪمل طور تي ھٿ ھن وقت ڪرپشن ۾ ملوث آهن اسان جا حڪمران عوام کي ڪو رليف ڏيڻ بجائي صرف جمهوريت جو راڳ ڳائڻ ۾ پورا آھن عوام مهانگائي سبب ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آھي ان موقعي تي بابل خان مگسي, حاجي عبدالله خاصخيلي, ميرو خان بگٽي, مير علي نواز ڪنڀر ڪاشف رضا ميتلو, بلندو خان مري, حاجي حاڪم مري, مهراڻ ڀاٽيا, لال بخش لاکو ۽ ٻيا جي ڊي اي اڳواڻ ساڻس گڏ ھئا.02

ھي به ڏسو

ڀٽ شاهه قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ٽريڪٽر کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 ڄڻا زخمي

ڀٽ شاهه (ن_خ)ڀٽ شاهه ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ٽريڪٽر کي ٽڪر، هڪ ڄڻو …

شهيد سورهيه بادشاهه حق ۽ سچ جي راهه تي هلندي عوام ۽ سنڌ جي بقا لاءِ قرباني ڏني: سيد محمد اسماعيل شاهه راشدي

گمبٽ (ن-م )فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ پاران گمبٽ جي هڪ مقامي هوٽل ۾ شهيد سورهيه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے