بريڪنگ نيوزقومي

واديءِ تيراهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل سميت 4 جوان شهيد، 3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي خيبر ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر سميت 4 جوان بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز خيبر جي علائقي تيراه ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو. ۽ آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.  آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر سميت 4 جوان شهيد ٿي ويا جڏهن ته ٻين شهيدن ۾ نائيڪ خوش دل خان، نائيڪ رفيق خان ۽ لانس نائيڪ عبدالقادر شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر جو تعلق اسلام آباد سان هو، سيڪيورٽي فورسز جا 4 جوان بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويا، ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر آپريشن جي قيادت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب علائقي مان ٻين امڪاني دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو پيو وڃي، سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button