تازيون خبرون
مکيه صفحو / خاص خبر / جي ڊي اي سنڌ جي عوام کي متبادل قيادت فراهم ڪئي آهي، ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺنداسين: اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا

جي ڊي اي سنڌ جي عوام کي متبادل قيادت فراهم ڪئي آهي، ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺنداسين: اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا

حيدرآباد (رپورٽ: قاسم بروهي) حر جماعت جي روحاني پيشوا، فنڪشنل مسلم ليگ ۽ جي ڊي اي جي سربراهه اعليٰ حضرت پير سيد صبغت الله شاهه پير سائين پاڳارا چيو آهي ته جي ڊي اي سنڌ جي عوام کي متبادل قيادت فراهم ڪئي آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ جي ڊي اي جي موجودگي نه هجي ها ته اليڪشن ۾ پ پ جو مقابلو ڪرڻ وارو ڪير به نه هو.  مٽياري ۾ جي ڊي اي اڳواڻ سيد جلال شاهه ڄاموٽ جي رهائش گاهه تي جي ڊي اي جي اعليٰ سطحي اجلاس کان پوءِ صحافين، حر جماعت ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻن ۽ ايندڙ مڪاني چونڊن لاءِ ٽڪيٽ جي اميدوارن جي هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا چيو ته  گذريل اليڪشن ۾ جي ڊي اي کي ووٽ سڀ کان وڌيڪ مليا پر اسان کي سيٽون گهٽ مليون. 2013 ۽ 2018ع جي چونڊن ۾ سنڌ جي عوام اسان کي ووٽ جي صورت ۾ ڀرپور موٽ ڏني جنهن تي آئون سندن ٿورائتو آهيان. پير سائين پاڳارا چيو ته اليڪشن واري ڏينهن شام ڌاري تائين اسان جي اميدوارن کي ڪامياب ٿيڻ جون مبارڪون ملنديون رهيون. مگر پوءِ خبر ئي نه پئي ته ڇا ٿيو. اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا ملڪ جي سرحدن واري صورتحال جو ذڪر ڪندي حر جماعت، عقيدتمندن، فنڪشنل مسلم ليگ ۽ جي ڊي اي جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن خاص طور تي سرنديءَ وارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهن. ڪنهن به قسم جي ضرورت تحت پاڪ فوج جي مدد ڪن ۽ ساڻن هر وقت رابطي ۾ رهن. اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا وڌيڪ چيو ته پاڪستاني فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. اسان کي جيڪا عزت  ملي آهي اها هن ملڪ پاڪستان جي ڪري ملي آهي. جنهن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار رهڻو پوندو. اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا 16 مارچ 2019ع کان اڇڙو ٿر جي روحاني دوري جو پڻ اعلان ڪيو. پير سائين پاڳارا چيو ته عام تاثر اهو ڏنو پيو وڃي ته اليڪشن کان پوءِ جي ڊي اي ختم ٿي چڪو آهي مگر اها انهن جي خام خيالي آهي جي ڊي اي جو اتحاد برقرار آهي جڏهن ته ايندڙ بلدياتي چونڊن جي ڀرپور نموني تياري ڪئي پئي وڃي. جنهن جي سلسلي ۾ گڏجاڻين جو سلسلو جاري آهي. مٽياري واري گڏجاڻي ان جو حصو آهي جڏهن ته ايندڙ اجلاس صفدر عباسي جي اسرار تي لاڙڪاڻي ۾ گهرايو ويندو. اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا ايندڙ بلدياتي چونڊون ڀرپور انداز ۾ وڙهڻ جي تياري لاءِ پڻ عوام کي تيار رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ سموري صوبي ۾ هر سيٽ تي جي ڊي اي جا اميدوار بيهارينداسين. جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن جو آڌر ڀاءُ ڪندي جلال شاهه ڄاموٽ چيو ته مٽياري جي عوام جا ٿورائتا آهيون جن گذريل اليڪشن ۾ اسان کي هتان سوئيپ ڪرايو. اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا کي مخاطب ٿيندي جلال شاهه ڄاموٽ چيو ته سنڌ جو عوام توهان ڏانهن نهاري رهيو آهي ۽ صوبي اندر متبادل قيادت جي ڊي اي آهي. جڏهن ته تمام جلد مٽياري ۾ باقاعده جلسو ڪيو ويندو. هن چيو ته ملڪ جو ٻچو ٻچو پاڪ فوج سان ملڪ جي سرحدن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي.  جلسي ۾ وڏي انگ ۾ سياسي ڪارڪنن اڳواڻن ۽ معززن جن ۾ چيف خليفو فقير قادر بخش مڱريو، ايم پي اي خليفو وريام فقير خاصخيلي، ايم پي اي خليفو علي غلام نظاماڻي، خليفو عبدالسلام ڏاهري، خليفو ولي محمد پهوڙ، اڳوڻو وفاقي مملڪتي وزير فقير محمد جادم مڱريو، اڳوڻو ايم پي اي ماهي خان وساڻ، اڳوڻو ايم پي اپي محمد بخش خاصخيلي، فقير عنايت ٻرڙو، عبدالڪريم شر، بئريسٽر ارشد شر، ڊاڪٽر محمد هاشم خاصخيلي، محمد علي وساڻ، محمد عيسيٰ وساڻ، سيد فواد حسين شاهه، سيد طالب حسين شاهه، سيد فيضل شاهه سبزواري، پير عبدالوهاب سرهندي ۽ ٻين شرڪت ڪئي اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا  جن جي پنڊال ۾ داخل ٿيڻ تي ڀيڄ پاڳارا جا نعرا هنيا ويا.پنهنجي مرشد جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ پوڙها، نوجوان، عورتون ۽ ٻارڙا پڻ جلسي گاهه جي چوڌاري موجود هئا.

 

ھي به ڏسو

اولاد کي تعليم ڏيارڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيو، خاص ڪري نياڻين جي تعليم تي ڌيان ڏيو: اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا

کپرو (رپورٽ: الهڏنو راڄڙ) حر جماعت جو روحاني پيشوا اعليٰ حضرت پير سيد صبغت الله …

قانون جو احترام ڪريو ۽پاڙيوارن سان سٺو سلوڪ رکو: اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا

کپرو (رپورٽ: الھڏ نو راڄڙ ) حر جماعت جو روحاني پيشوا اعليٰ حضرت پير سيد صبغت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے