تازيون خبرون
مکيه صفحو / قومي خبرون / هر ڀيري اسان جو ٽرائيل راولپنڊي ۾ ڇو ٿو ٿئي، نيب چيئرمين پنهنجي آفيسرن خلاف ايڪشن نه ورتو ته اسان وٺنداسين، جيل ڀريو تحريڪ به شروع ڪري سگهون ٿا: بلاول ڀٽو زرداري

هر ڀيري اسان جو ٽرائيل راولپنڊي ۾ ڇو ٿو ٿئي، نيب چيئرمين پنهنجي آفيسرن خلاف ايڪشن نه ورتو ته اسان وٺنداسين، جيل ڀريو تحريڪ به شروع ڪري سگهون ٿا: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي تي افسوسناڪ حملو ڪيو آهي‏، سنڌ اسيمبلي اسپيڪر پ پ جو عهدو نه آهي، اپوزيشن خلاف ڳالهائيندڙ وزيراعظم مودي ۽ پابندي مڙهيل تنظيم خلاف هڪ لفظ به نٿا ڳالهائين، جڏهن ته پابندي پيل تنظيمن جا همدرد وفاقي ڪابينا ۾ موجود آهن، جعلي اڪائونٽ جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ کي شامل ڪري ان کي سياست زده ڪيو ويو،خبر نه آهي ته هر ڀيري کيس ڇو شوق آهي ته راولپنڊي ۾ ٽرائيل ٿئي، ڪيس سنڌ ۽ بينڪ اڪائونٽ سنڌ جو پر ڪيس پنڊي شفٽ ڪيو پيو وڃي، راولپنڊي ۾ ڀلا اهڙو ڇا آهي، 6 مهينن کان اسان جي ڪردارڪشي ڪئي پئي وڃي، آرٽيڪل 10 تحت فري ٽرائيل اسان جو حق آهي، جمهوريت ۾ ائين ته نظام نٿو هلي سگهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات ۽ پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ اسيمبلي پهرين اسيمبلي آهي جنهن پاڪستان جو قرارداد پاس ڪيو، ان وقت جي اسيمبلي ۾ به آغا سراج دراني جا مائٽ هئا، هن چيو ته مشرف جي ٺاهيل اداري سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي بنا ڪنهن ثبوت جي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو، ڪنهن به جمهوريت ۽ معاشري ۾ ائين نه ٿيندو آهي، گرفتاري کانپوءِ آغا سراج دراني جي گهر تي ڇاپو هڻڻ اهو ئي پيغام آهي ته ان جي خلاف هڪ ثبوت نه هو، ثبوت ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پ پ  چيئرمين چيو ته جنهن نموني سان چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو، هي اسان برداشت نه ڪنداسين، هي اسان جي ثقافت، مذهب ۽ انساني حقن جي خلاف آهي، هن چيو ته جنهن نموني سان گهر جي عورتن ۽ ٻارن کي يرغمال بڻايو ويو، بداخلاقي ڪئي وئي ان جي پ پ مذمت ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير به مذمت ڪئي، بلاول ڀٽو چيو ته مون کي افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته نيب جي چيئرمين اڄ تائين انساني حقن جي هن سنگين ڀڃڪڙي تي عورتن جي خلاف تشدد تي ڪو به ايڪشن نه ورتو آهي، هن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪريان ٿو ته نيب چيئرمين ماتحت آفيسرن جو احتساب ڪري، ٻي صورت ۾ اسان کي ان جي جاچ ڪرڻي پوندي، اسان کي ايڪشن کڻڻو پوندو، هن چيو ته آغا سراج دراني جي گرفتاري سنڌ اسيمبلي تي حملو آهي، پ پ چيئرمين چيو ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته نيب جو آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو الزام ائين آهي جيئن ڪو پوليس آفيسر ڪنهن بي گناهه شخص کي پڪڙي ان مٿان چرس وجهي ڇڏي ۽ 2 بوتلون شراب جو الزام هڻي ان کي اندر ڪري ڇڏي، آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو الزام ڪنهن تي به لڳي سگهي ٿو ۽ هر پاڪستاني لاءِ هڪجهڙو قانون نه آهي، هن چيو ته نيب کي سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي، شهيد بينظير ڀٽو چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ پنهنجي منشور ۾ چيو هو ته اسان کي نيب کي ختم ڪرڻو آهي، هي اسان جي ناڪامي آهي ته اسان نيب ۾ ڪي به سڌارا يا ان مشن کي پورو نه ڪري سگهياسين، هن چيو ته نيب هڪ اهڙو ادارو آهي جيڪڏهن ان ۾ توهان فرشتي کي چيئرمين ڪري ورهايو تڏهن به سياسي انتقام ٿيندو، بلاول ڀٽو چيو ته اليڪشن دوران جعلي اڪائونٽ ڪيس تي سوموٽو وٺڻ جو مقصد ڪهڙو آهي، جاچ جي معاملي تي سوموٽو نٿو وٺي سگهجي. هن چيو ته آرٽيڪل 10 موجب اسان کي فري ٽرائيل جو حق آهي جيڪو نه مليو، 6 مهينن کان اسان جي ڪردارڪشي ڪئي وئي ڪنهن ڪورٽ اسان کي نوٽيس ناهي ڏنو ۽ سزا ڏئي ڇڏي، ڪنهن کي ٻڌڻ کانسواءِ سزا نٿي ڏئي سگهجي، ٿورو عقل کان ڪم وٺڻ گهرجي، هن چيو ته سڄي قوم ڏٺو ته مون کي ڪيس ۾ گهليو پيو وڃي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪنهن جي چوڻ تي منهنجو نالو جي آءِ ٽي ۾ وڌو ويو، ان جو جواب اڄ تائين ناهي ملي سگهيو، چيف جسٽس چيو ته بلاول بي گناهه آهي ان جو نالو جي آءِ ٽي مان ختم ڪيو وڃي، هن چيو ته انصاف ان وقت تائين نٿو ملي جيستائين عدالت آزاد نه ٿيندي، جسٽس کوسا صاحب چيو آهي ته انصاف جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، منهنجي خيال ۾ هن ڪيس سان انصاف جو سفر شروع ٿيندو، بدقسمتي سان جڏهن به آمر آيا عدالتن کين ڪلين چٽ ڏني، بلاول ڀٽو چيو ته هر ڀيري اسان جو ٽرائيل راولپنڊي ۾ ڪيو وڃي ٿو، هي سڀ سياسي انجنيئرنگ لاءِ ڪيو ويو، اسان توهان جي ڌمڪين کان نه ٿا ڊڄون، عوام جي عدالت ۾ وڃي رهيا آهيون، جيل ڀريو تحريڪ به شروع ڪري سگهون ٿا. 3

ھي به ڏسو

امام انقلاب شهيد سورهيه بادشاهه جو يوم شهادت اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

حيدرآباد(رپورٽ: اسد ڏاهري )بر صغير جي آزادي لاءِ هلايل سڀني تحريڪن ۾ اهم ڪردار ادا …

احتساب غيرجانبدار ٿيڻ گهرجي پر افسوس اسان کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي: وڏو وزير

مٺي/عمرڪوٽ(نمائندن وٽان) ٿرپارڪر مان ملڪي روشنائي جو خواب ساڀيان، ٿر ڪول بلاڪ ٻه مان 330 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے